جاگيراڻين جو ميڙ منٿ قافلو، سڀ اختيار غوث بخش خان حوالي

لکي غلام شاھ (نثارمنگي)  ڳوٺ نهال خان جاگيراڻي ۾ 38 ايڪڙ زمين جي معاملي تان ايم پي اي شهريار خان مهر ۽ جاگيراڻي ڌرين ۾ هڪ مهيني کان هلندڙ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ جاگيراڻي برادري جا چڱا مڙس وڏيرو خادم حسين جاگيراڻي, مولابخش جاگيراڻي, ماستر منٺار جاگيراڻي, سائينداد ۽ ٻيا ايم اين اي غوث بخش خان مهر وٽ ميڙمنٿ قافلو وٺي مهر هائوس وزيرآباد پهتا, جنهن دوران جاگيراڻي برادري جي چڱن مڙسن مهر هائوس جي ميڊيا ٽرائل ڪرڻ تي معذرت ڪئي, جڏهن ته زميني ڇڪتاڻ جو مسئلو حل ڪرڻ جا اختيار به غوث بخش خان مهر کي ڏئي ڇڏيا, جڏهن ته فيصلي جو امين پڻ غوث بخش خان مهر کي مقرر ڪيو, ان موقعي تي ايم اين اي غوث بخش خان مهر ميڙمنٿ قافلي کي مانُ ڏيندي جاگيراڻي ڌر کي خاطري ڪرائي ته تمام جلد مسئلو حل ڪرايو ويندو, ٻئي طرف ايم اين اي غوث بخش مهر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جاگيراڻي ڌر جا چڱا مڙس ميڙ وٺي آيا, جنهن تي مون آيل ميڙ کي مانُ ڏيندي کين خاطري ڪرائي ته تمام جلد زمين جو مسئلو حل ڪرايو ويندو, هن چيو ته جاگيراڻين فيصلي جو امين مونکي مقرر ڪيو پر مون کين انڪار ڪيو آهي, ڇاڪاڻ ته فيصلو آئون نه ڪندس پر مير عابد خان سندراڻي کان فيصلو ڪرايو ويندو, کائنس تمام جلد تاريخ وٺي وٽس فيصلو ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو