جاڙا ٻار فوت، وارثن جو ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)شيخ زيد اسپتال ۾ تازا ڄاول جاڙا ٻار فوت ٿي ويا آهن، وارثن طرفان ڊاڪٽرز تي غفلت جو الزام لڳايو ويو آهي. قمبر جي ڳوٺ گجو گوپانگ واسڻ عورت صدوري خاتون چانڊيو کي ويم لاءِ اسپتال داخل ڪيو ويو، مريض جي وارثن جو چوڻ آهي ته پيدائش وقت ٻنهي جاڙن ٻارن جي صحت ٺيڪ هئي، ڊاڪٽرن جي سنگين غفلت کانئن حياتي کسي ورتي، عورت جي وارثن طرفان ذميوار ڊاڪٽرز سوڌو ٻين عملدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو