جاپان ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي روبوٽ جي تياري عروج تي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جاپان ۾ هن وقت دنيا جو سڀ کان وڏو تفريحي روبوٽ جي تياري تي ڪم زور شور سان جاري آهي. ان روبوٽ جي اونچائي 60 فوٽ يعني 18 ميٽر آهي جنهن تي 24 ڏاڪا گهمڻ کان علاوهه آهسته آهسته هلي به سگهجي ٿو. روبوٽ جي اونچائي جو اندازو ائين به لڳائي سگهجي ٿو ته صرف ان جي هڪ ٻانهن 2 ميٽر کان به ڊگهي آهي جنهن جو وزن 440 پائونڊ آهي. ان کي ماهرن ٽيڪنالاجي ۽ انجنيئرنگ جو هڪ شاهڪار قرار ڏنو  آهي جنهن جي تياري ۾ تمام گهڻي محنت لڳي رهي آهي. روبوٽ جو مجموعي وزن 25 ٽن جي لڳ ڀڳ آهي. روبوٽ کي گاندم جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪو 1979ع ۾ جاپان جي مشهور ڪارٽون سيريز جو هڪ ڪردار آهي. اهو جاپاني ثقافت ۽ ٽيڪنالاجي سان محبت ظاهر ڪري ٿي. گاندم روبوٽ کي ڪارٽون ۾ هڪ وڏي سيمورائي تلوار سان گڏ ڏيکاريو ويو  آهي جنهن کان پوءِ ناول، ڪهاڻين ۽ 50 کان وڌيڪ ٽي وي سيريز ۽ فلمن ۾ گاندم کي پيش ڪيو ويو. ان کان پوءِ ٽرانسفارمر سيريز به ان کان متاثر ٿي بڻائي وئي آهي. هن وقت به ان جا ننڍڙا رانديڪا لکن ڪروڙن جي تعداد ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو