جانورن جي پالنا، علاج ۽ وڌيڪ کير بابت سيمينار

سڪرنڊ ( رپورٽ فقير راج ڪماراوڏ) پاڪستان وٽرنري ڪلينڪ ۽ ميڊيڪوز پاران ڊاڪٽر عديل اشرف آرائين جي ميزباني ۾ ايگريڪلچر ٽريننگ انسٽيٽوٽ سڪرنڊ جي آڊيٽوريم هال ۾ جانورن جي علاج ، پالنا ، کير ، گوشت ۽ انهن جي فائدن ۽ نقصان بابت سيمينار منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ڊپٽي ڊاريڪٽر پروڊيڪشن ڊاڪٽر برڪت لاکو ، وٽرنري کاتي جي ضلعي آفيسر رياض حسين جمالي ۽ اي ٽي آئي جي پرنسپال محمد يوسف چنه خصوصي شرڪت ڪئي سيمينار ۾ لائيو اسٽاڪ سميت مٿي ڄاڻايل پهلوئن تي تفصيلي ليڪچر ڏنو ويو ليڪچر ڏيندڙن ۾ ڊاڪٽر ساجد جوکيو ، ڊاڪٽر ميڊم نصرت ڪيريو ، ڊاڪٽر ميڊم مشل خانزاده ، ڊاڪٽر ميڊم رابعه اسحاق عمراڻي ، ڊاڪٽر خليل الرحمان لاشاري ، ڊاڪٽر سيف رند ۽ ڊاڪٽر ميڊم حوا مگسي شامل هئا جن ليڪچر ڏيندي ٻڌايو ته ڳوٺن جي مالوند ماڻھن ۾ ايترو شعور ناهي جو هُو پنهنجي جانورن جو علاج ڪن يا کين بيماري کان بچائين جنهنجو سبب هڪ ته ڄاڻ جي گهٽتائي ٻيو وسيلن جو نه هجڻ آهي ان ڪري هي جاڳرتا سيمينار رٿيو ويو ۽ ان سان گڏ و گڏ جاڳرتا مهم پڻ شروع ڪئي آهي ته جيئن ڳوٺاڻا پنهنجي جانورن جي حفاظت توڙي علاج بهتر نموني ڪري سگهن سيمينار جي آرگنائيزر ڊاڪٽر عديل اشرف ميڊيا سان کي ٻڌايو ته اڪثر وٽرنري ڊاڪٽر ڊگري حاصل ڪرڻ بعد صرف نوڪري جي ڊڪ ڊوڙ ۾ شامل هوندا آهن جڏھن ته ڪلينڪ کولڻ سندن تصور ۾ نه هوندو آهي اسان ان سوچ کي ختم ڪري نوڪري جي تلاش سان گڏ پنهنجي ڪلينڪ کولي ماڻھن کي فائدو ڏيڻ جو پڻ سلسلو شروع ڪيو آهي هن وڌيڪ چيو ته جانورن جو صحت مند هجڻ ۽ انهن جي واڌ ويجھ جتي مالوند کي فائدو ڏيندي اتي ملڪي معشيت کي پڻ سگهارو ڪندي هن.اهو به چيو ته عام تاثر اهو رهيو آهي ته وٽرنري فيميل ڊاڪٽر فيلڊ ورڪ نٿي ڪري سگهي پر اسان ثابت ڪيو آهي ته عورت ڊاڪٽر به سڀ ڪجھ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي اهڙا ڪافي مثال اسڪرين تي وڊيو لنڪ ذريعي ڏيکاريا ويا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو