جاتي واسي نوجوان کي پوليس اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو

غوثپور (عبدالنبي ملڪ)پوليس موبائيل فون ٽريسنگ ذريعي جاتي سجاول جي رھواسي نوجوان غلام حسين اوٺو کي مبينا طور اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. نوجوان کي تيغاڻي گينگ جااغوا ڪار عورتاڻي آواز تي هرکائي دوکي سان گھرائي اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هو. غوثپور ايس ايس ايڇ خليل احمد رند ناڪابندي ڪري ڳڙهي لاڙو وٽ نوجوان کي روڪي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. نوجوان کي واپس سجاول موڪليو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو