ثقافت کاتي جي بي حسي، اسٽاد رسول بخش کي وظيفو نه مليو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ثقافت کاتي جي بيحسي ۽ لاپرواھي، سموري حياتي سنڌي موسيقي کي ارپيندڙ سنڌ جي ناليواري ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل راڳي ۽ ڪافي جي مشھور فنڪار استاد رسول بخش ابڙوکي فوت ٿئي  6سال گذري ويا مگر سندس خاندان جي سنڌحڪومت سميت ڪنھن سار نھ لڌي سندس ڪٽنب مان راڳ جي دنيا جي اڪيلي وارث سندس پوٽي اڀرندڙ فنڪار جاويد علي ابڙوکي ثقافت کاتي مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيو.

اڄ ڏينھن تائين ڪنھن بھ سرڪاري تقريب  ۾بھ مدعو نھ ٿو ڪيو وڃي استادرسول بخش ابڙو پاران حياتي ۾ وارثن پاران اڄ ڏينھن تائين ڏنل وظيفي واريون درخواستون ردي جي ٽوڪري حوالي ڪيون ويون آھن سفارشي ۽ من پسند فنڪارن کي  سرڪاري تقريبن ۾ گھرايو۽ وظيفوڏنو پيو وڃي. استاد رسول بخش ابڙو  روھڙي ڀرسان ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ 1949ع۾ جنم ورتو۽ 15سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ راڳ ڳائڻ شروع ڪيو. هن راڳ جي سکيا زوار محمد جمن ڀٽ کان ورتي. ھن حياتي جي 66بھارن مان 50سال سنڌي موسيقي کي ڏنا ۽ روھڙي جي مساڻ روڊ تي استادرسول بخش ابڙوميوزيڪل اڪيڊمي جي نالي سان راڳ جي سکيا لاءِ پنھنجي مدد پاڻ تحت ھڪ ادارو قائم ڪيو.

جيڪوھن وقت سندس پوٽو فنڪارجاويد ابڙوھلائي رھيوآھي ان کانسواءِھن حياتي۾ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا جيڪي اڳتي ناليوارافنڪارٿي سامھون آيا جن۾ فياض جويو،جلال جوڳي،مرحوم مختيارشيدي، رحمان علي ابڙو،سھيل عباسي،  ربنوازمھيسر،     اميران بيگم،پري گل، آرزوگل، محمود رڪ، اعجازٻرڙو، شاھدميراڻي، عمران شيدي، لطيف لغاري،ريما ناز،فوزيھ سنڌو،علي حسن پتافي،اختيارچاڪراڻي سميت  ٻيا ڪيترائي مشھورفنڪار شامل آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو