ثانيه نشتر پاران ادرڪ جي پوکي جو افتتاح

چڪوال(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي خاص مددگار ثانيه نشتر ادرڪ جي پوک جو افتتاح ڪيو. پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ ادرڪ جي پوک پوکي وئي آهي. چڪوال لڳ ادرڪ جي پوکي لاءِ پنيري پاڪستان ۾ ئي تيار ڪئي وئي آهي. پاڪستان م ڪمرشل اعتبار کان ادرڪ جي پوک ناهي پوکي ويندي. پاڪستان چين، ٿائيلينڊ، ويٽنام، برما ۽ انڊونيشيا مان ادرڪ امپورٽ ڪندو آهي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ادرڪ جي پيداوار ڀارت ۾ ٿيندي آهي، کپت ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان اڳتي آهن. جڏهن ته ايڪسپورٽ ۾ چين سڀني کان اڳتي آهي. رٿتا بندي ڪميشن جي 2017 ۾ ڪيل هڪ استدي موجب ان وقت پاڪستان ۾ هرسال 7 ڪروڙ ڊالر جي ادرڪ پاڪستان ۾ ايندي هئي جنهن ۾ 17 سيڪڙو سالياني واڌ جو ڪاٿو لڳايو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو