ثانيه مرزا پاڪستاني ڊرامن جي مداح نڪتي

ممبئي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي سينئر ڪرڪٽرشعيب ملڪ جي گهر واري ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا پاڪستاني ڊرامن جي ديواني نڪتي. سندس چوڻ آهي ته پاڪستاني ڊرامه پنهنجي معيار ۽ حقيقت ڪهاڻين سبب سڄي دنيا ۾ ڏٺا ۽ پسند ڪيا ويندا آهن.ڀارتي عوام به پاڪستاني ڊرامن جا ديوانا آهن، پاڪستاني ڊرامن کي پسند ڪندڙن ۾ ثانيه مرزا به شامل آهي جيڪا اڄڪلهه پاڪستاني ڊرامه سيريل(ميرا دل ميرا دشمن)  ڏسي رهي آهي. تازو ئي ثانيه مرزا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ ٻڌايو ته مان سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ ڇا ڪندي آهيان.هن هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هن کي هٿ ۾ چانهه جو ڪوپ پڪڙيل نظر اچي رهيو آهي. هن اسٽوري ۾ لکيو آهي ته پٽ کي سمهارڻ کان پوءِ بس چانهه جو ڪوپ ۽(ميرا دل ميرا دشمن). واضح رهي ته پاڪستاني  خانگي چينل تي نشر ٿيندڙ ڊرامه سيريل(ميرا دل ميرا دشمن) تازو ئي ختم ٿيو آهي ڊرامي ۾ عليزي شاهه، ياسر نواز ۽ نعمان سميع مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو ۽ هي ڊرامو پاڪستاني شائقين ۾ به ڪافي مشهور ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو