ثاقب کا حلفيه بيان وٺو، عباسي، فوج ۽ عدليا نون جي نشاني تي آهي، فواد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ مطالبو ڪيو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار کان بيان حلفي ورتو وڃي. جهڙي نموني گلگت بلتستان جي اپيلٽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس رانا محمد شميم حلف نامو پيش ڪيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اڳوڻو چيف جسٽس پاڻ کي ڪليئر نٿو ڪري سگهي ته ڪير عدالتن تي اعتماد ڪندو؟ ھن چيو تھ  اعليٰ عدليه جو ڪم آهي ته هن ڪيس جي جاچ ڪري، جيڪا عدالت هڪ اقامي تي وزيراعظم کي نيڪالي ڏئي سگهي ٿي، اُها پنهنجي جج کان پڇاڻو ڇو نٿي ڪري سگهي، اهو به فيصلو ڪرڻو هوندو ته اليڪشن ڪميشن جي وهنوار ۾ چيف جسٽس جي مداخلت جي ڪهڙي اهميت آهي، اسان جي ملڪ جي حالت اها آهي جو بئنچ ڏسي وڪيل ٻڌائيندو آهي ته فلاڻو فيصلو ايندو، هن چيو ته جيڪڏهن اڳوڻو وزيراعظم جيل وڃي سگهي ٿو ته اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار ڇو نٿو وڃي سگهي؟ ياد رهي ته محمد شميم بيان حلفي ۾ اهو چيو آهي ته 2018 ۾ثاقب نثار جڏهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو چيف جسٽس هو ان وقت فيملي سان گڏ گهمڻ آيو هو، اسين لان ۾ چاءِ پئي پيتي ته جسٽس ثاقب نثار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج کي فون ڪري چيو هو ته عام چونڊن ٿيڻ تائين نواز شريف ۽ مريم کي جيل ۾ رکيو وڃي ۽ سندن ضمانت منظور نه ڪئي وڃي. راڻا شميم جي الزامن تي رد عمل ڏيندي فواد چوڌري چيو ته توهين عدالت واري معاملي تي هاءِ ڪورٽ ڌرين کي طلب ڪري ورتو آهي، اهڙي سازش مريم نواز ۽ نواز شريف جي پيشي کان اڳ ئي ٿيندي آهي. وفاقي وزير چيو ته اهو معاملو مڪمل پلان تحت اڳتي وڌي رهيو آهي، ن ليگ اڳ فوج خلاف مهم هلائي هئي، هاڻي ن ليگ عدالتن خلاف مهم هلائي رهي آهي، عدالتن تي حملا ن ليگ جي روايت رهي آهي. هن چيو ته اڳوڻي جج پاران ڏنل حلف نامي جي فيس به شريف خاندان ادا ڪري رهيو آهي، ائين ڪرڻ سان ڌارين کي ادارن خلاف استعمال ڪرڻ سان بحران پيدا ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو