جيڪب آباد جي قومي تڪ جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بابت ٻڌڻي

جيڪب آباد (ن سنڌ يار) جيڪب آباد جي عدالت ۾ قومي تڪ اين اي 196 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بابت ٻڌڻي ٿي صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي پيش ٿيو وفاقي وزير محمد ميان سومرو جا وڪيل پيش صوبائي صلاحڪار جي وڪيل جي پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي 16 جنوري تائين ملتوي.جيڪب آباد جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج غلام علي ڪناسرو جي عدالت ۾ اين اي 196 تي ووٽن جي ڳڻپ بابت ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي پيش ٿيو سندس مخالف نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي بدران سندن وڪيلن شفقت فهيم، عظيم سومرو ۽ اليڪشن ڪميشن جا عملدار پيش ٿيا.صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جو وڪيل بيمار هجڻ سبب پيش نه ٿي سگهيو جنهن ڪري عدالت 16 جنوري تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.ان سلسلي ۾ صلاحڪار اعجاز جکراڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آئون گذريل عام چونڊن کان پوءِ سکر اليڪشن ٽربيونل ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي ته اين اي 196 تي جيڪي به پولنگ اسٽيشن آهن انهن تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪئي وڃي جيڪو آرڊر گهڻو وقت اڳ ٿي چڪو آهي ۽ اڄ عدالت ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ رکيل هئي پر مخالف ڌر جي وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي وڪيل چيو ته ووٽن جي ڳڻپ نه پر ڪائونٽر فائيلز جي ڳڻپ جو حڪم آهي جنهن تي مون اعتراض واريو ته جج چيو ته توهان جو وڪيل اچي ان معاملي تي بحث ڪري پر منهنجي وڪيل جي طبيعت خراب هجڻ ڪري هو اڄ عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو آهي جنهن ڪري عدالت ان ڪيس جي ٻڌڻي 16 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.واضح رهي ته اين اي 196 تي پيپلزپارٽي جي اميدوار اعجاز جکراڻي 87 ھزار ووٽ کنيا ھئا جڏهن ته وفاقي وزير محمد ميان سومرو 92 ھزار ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ھو جنھن بعد صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي سکر اليڪشن ٽربيونل ۾ ٻيھر ڳڻپ لاءِ درخواست داخل ڪئي ھئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو