تڪڙ ۾ پٽڙي ڪراس ڪندڙ 5 ڄڻا ريل جي ٽڪر ۾ فوت

سکر (جيرام داس ) روهڙي ڀرسان ڦاٽڪ نه هجڻ سبب ٽرين جي خوفناڪ ٽڪر جو هڪ ٻيو واقعو پيش آيو آهي. ٽرين جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار 5 ڄڻا چيڀاٽجي فوت ٿي ويا. پيارو واهه ڀرسان ريلوي ڦاٽڪ وٽ روهڙي کان ميرپور ماٿيلو ويندڙ ٽرين ڦاٽڪ ڪراس ڪندڙ موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. فوتين ۾ رسول بخش ولد امام بخش، محرم ولد خدا بخش، زرينه زال خدا بخش، علي رضا ولد محرم ڦلپوٽو ۽ 7 ورهين جي نينگري شامل آهن. اطلاع تي ايڌي رضاڪار پهتا ۽ فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو