تيغاڻي ۽ بجاراڻي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، هڪ ٻئي مٿان فائرنگ

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) تيغاڻي ۽ بجاراڻي خوني تڪرار وري ڀڙڪي اٿيو، ڳوٺ الاھي بخش بجاراڻي تي تيغاڻي برادري جي هٿيار بندن جو حملو، غوثپور جي سينئير صحافي شير زمان بجاراڻي جي گهر مٿان به جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي ويئي. فائيرنگ ۾ گوليون اسڪول جي بلڊنگ جي مٿان به اچي ڪريون۔ ٻئي پاسي ڪشمور ضلعي جي مختلف شهرن جي صحافين۔سول سوسائٽي ۽ مذھبي ڌرين  احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هائي وي تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون. ڪيترا ڪلاڪ ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل رهي، روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب پنجاب کان سنڌ ڏي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي ويئي ۽ سوين گاڏيون بيھڻ سبب ھزارين مسافرن کي گرمي سبب سخت تڪليفن سان منھن ڏيوڻو پيو. چار ڪلاڪ گذرڻ بعد ايس ايس پي ڪشمور سيد اسد رضا شاھ پاران جوبدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائڻ بعد روڊ کولرايو ويو. آخري اطلاعن تائين تيغاڻي برادري جي ھٿيار بندن طرفان ڪوريج لا۽ ويل صحافين مٿان به فائرنگ ڪري هڪ ڪلاڪ تائين صحافين کي يرغمال بڻائي رکيو ويو. واقعي جو ڪيس به داخل نه ٿيو آھي نه هي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو