تيغاڻي سردار جي ڪرم پور ۾ صوبائي وزير سان ملاقات

ڪرمپور(ڪريم بخش ملڪ)تيغاڻي قوم جي سردار تيغو خان تيغاڻي ڪرمپور ۾ بجاراڻي هائوس تي صوبائي وزير شبير علي بجاراڻي سان ملاقات ڪئي.ٻنهي اڳواڻن ملڪي سطح تي ڦھليل وبا ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ ان جي خلاف ورتل اپائن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن موجب ٻنهي قبيلن جي چڱن مڙسن برادرين م هلندڙ جهيڙو بند ڪرڻ بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي. ياد رهي ته ڪافي سالن کان وٺي بجاراڻي تيغاڻي تڪرار هلندڙ آهي جنهن ۾ 45 کان وڌيڪ ماڻھو قتل ٿي چڪا آھن.تازو ٻه ڏينهن پهريان ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙي سبب 8 ورهين جو معصوم قتل ٿي ويو هو ۽ ڪافي زخمي پڻ ٿيا هئا. جهيڙي جو فيصلو ڪرڻ بابت ڪجهه به ناهي ٻڌايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو