تيز هوا، مٽي جو طوفان، قيامت برپا، انتظاميه غائب، خلق دربدر

مانجهند(مهراڻ يوسف عمراڻي) لاکڙا ڪول فيلڊ جي امين ڪوئلا ڪمپني جي علائقي جي مختلف ڳوٺن ۾ مٽي جي تيز طوفان ۽ برسات تباهي مچائي ڇڏي، 50 کان وڌيڪ گهرن جو ڇتيون اڏامي ويون ڪيترائي گهر ڪرڻ جي نتيجي ۾ لالاڻي کوسا برادري جي عورتن ٻارڙن سميت 50 کان وڌيڪ دٻجي زخمي ٿي پيا. جن ۾ عمران، منظور، علي يعقوب، علاول الدين، مشتاق، نظام زاهد علي، زهران، نملي، نعمت خاتون، برڪت علي، لقمان، پاولي، نجمه ۽ ٻيا شامل آھن. جن کي ڳوٺاڻن لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو، جتي عورتن سميت 7 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي طوفان سبب چوپائي  مال ۾ 5 ڇيلا مري ويا، جڏهن ته ڪيترائي مال مويشي غائب آھن.  گهرن جو سامان، ٽي وي، فرج، سولر پليٽون، پکا وغيره ڀڄي پيا پر سرڪاري سطح تي انتظاميا نه پهتي. انڊس پوليس واقعي کان 3 ڪلاڪ بعد پهتي، سماجي اڳواڻ محمد رحيم کوسو ٻڌايو ته علائقي جي تاريخ ۾ وڏو طوفان هو جنهن ۾ ڪجه وقت لا۽ قيامت محسوس ڪئي، جنهن ۾  پڪا گهر به ڪريا آھن، هاڻي ڳوٺاڻا کليل آسمان هيٺ ويٺل آھن پر ڪا به واهر نه ٿي آھي، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور واهر ڪري حياتيون بچائيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو