تيز رفتار ڪار سمنڊ ۾ ڪري پئي، 2 ڄڻا فوت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽ) ڊفينس ۾ تيز رفتار ڪار سمنڊ ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. پوليس مطابق اهو واقعو ڊفينس فيز 8 ۾ پيش آيو جتي تيز رفتاري سبب ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري سمنڊ ۾ وڃي ڪري. واقعي کان پوءِ پوليس ۽ ريسڪيو اهلڪارن فوري طور امدادي ڪارروايون ڪندي ٻنهي ماڻهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سمنڊ کان ٻاهر ڪڍي اسپتال پهچايو جتي هو فوت ٿي ويا. حادثي جو شڪار ٿيندڙ گاڏي کي به ڪرين ذريعي سمنڊ کان ٻاهر ڪڍيو ويو. حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ٻنهي ماڻهن جي سڃاڻپ 20 سالن جي دانيال ۽ 60 سالن جي افتخار حبيب طور ٿي آهي. دانيال اختر ڪالوني ۽ محمد افتخار قيوم آباد جو رهواسي هيو جڏهن ته حادثو ڊرائيور هڪ ٻئي نئين ماڻهوءَ کي گاڏي هلائڻ سيکاري رهيو هو ته اهو واقعو پيش آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو