تيز رفتارڪوچ جو گڏهه گاڏي کي ٽڪر، گاڏي وارو فوت، ڊرائيور فرار

ڪوٽڏيجي (رپورٽ پرويزعلي گوپانگ)ڪوٽڏيجي لڳ ڳوٺ علي محمد سولنگي وٽ تيز رفتارڪوچ ۽ گڏھ گاڏي ۾ زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ گاڏو هلائيندڙ مزدور حاتم علي سولنگي فوت ٿي ويو. پوليس موجب پيرسن زخمي جون ٻئي ٽنگون ڀڄي پيون آھن. جڏھن ته ڪوچ جو ڊرائيورگاڏي  ڇڏي فرار ٿي ويوآهي. پوليس گاڏي کي تحويل ۾ وٺي، زخمي حاتم علي سولنگي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ خيرپور سول اسپتال منتقل ڪيو  پر هو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. پوليس فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو