تيزگام حادثي جي زخمين سان فراڊ، 5 لک بدران 50 هزار جا چيڪ

سنڌڙي (وفا يارمحمد)تيز گام واقعي ۾ ميرپورخاص جي زخمين لاءِ ريلوي جي وزير شيخ رشيد پاران اعلان ڪيل 5 لک روپيا معاوضي بدران رڳو 50 ھزار جو چيڪ ڏئي روانو ڪري ڇڏيو. متاثرين شڪايت ڪئي آهي ته ريلوي انتظاميه ساڻن ٺڳي ڪري رهي آهي ان جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي ۽ بقايا اعلانيل رقم ڏياري وڃي. ان حوالي سان پي پي ايم پي اي ذوالفقار علي شاھ صحافين کي ٻڌايو ته ھر ٽيڪٽ تي انشورنس جي اضافي رقم ته ورتي وڃي ٿي پر جڏھن اھڙا واقعا پيش اچن ٿا ته شيخ رشيد جھڙا وزير ميڊيا ڪوريج حاصل ڪرڻ لاءِ اعلان ته ڪري ٿا ڇڏين پر ريلوي انتظاميه ملي ڀڳت ڪري متاثرين جو معاوضو به کائي ٿي وڃي. اهو زخمين جي زخمن تي لوڻ ٻرڪن برابر آهي. ياد رهي ته هلندڙ سال 30 آڪٽوبر تي تيزگام ايڪسپريس کي ٻاهه لڳڻ سبب 74 ڄڻا فوت ۽ 40 کان مٿي زخمي ٿيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو