تيزرفتارڪار جي ٽڪر ۾ هڪ فوت ٻارڙي زخمي، ڊرائيور فرار

مورو(مورائي اياز سولنگي) دادو مورو لنڪ روڊ تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جنھن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار62 سالن جو نبي بخش نوناري ويٺل ٿرڙي محبت فوت ٿي ويو آھي جڏھن تہ سندس ڌي 12 سالن جي مسڪان زخمي ٿي پئي آھي اطلاع ملڻ تي ڪورائي ٿاڻي جي پوليس جاء حادثي وٽ پھچي لاش ۽ زخمي نينگري کي تعلقي اسپتال پھچايو آھي جڏھن تہ وارثن کي حادثي جو اطلاع ڏنو ويو آھي ھوڏانھن ڪار کي ڪورائي پوليس تحويل ۾ ورتو آھي ۽ ڪار ڊرائيور فرار ٿي ويو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو