توهين مسجد ڪيس ۾ صبا قمر ۽ بلال سعيد فرد جرم لاڳو

لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪارا صبا قمر ۽ ڳائڻي بلال سعيد تي مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ وزير خان مسجد جي مبينا توهين جي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. هنن گذريل سال مسجد ۾ شوٽنگ ڪئي هئي. ٻنهي جوابدارن صحت جرم جو انڪار ڪندي چيو ته اسين توهين ج سوچي به نٿا سگهون. ميجسٽريٽ جويريا منير سرڪاري وڪيل کي چيو ته هو شاهد پيش ڪري، هن وڌيڪ ٻڌڻي 14 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.  لاهور جي اڪبري گيٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو