توهين عدالت جو ڏوهه مڃڻ کان انڪار، ٻڌڻي ملتوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ججن کي برو ڀلو ڳالهائي ويڊيو يو ٽيوب تي اپ لوڊ ڪرڻ تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران آغا افتخار الدين ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، سُپريم ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي ايف آءِ اي کان اڳڀرائي رپورٽ ۽ شاهدن کي طلب ڪرڻ جو حڪم ڏنو. شيعه عالم افتخار الدين جي ٻڌڻي نه ڪرڻ واري استدعا بابت درخواست عدالت رد ڪري ڇڏي. جسٽس اعجاز الاحسن علامه افتخار الدين سان مخاطب ٿيندي چيو ته معافي نامو جمع ڪرڻ باوجود توهان ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪريو ٿا ته ڇا اهو اوهان جو موقف آهي. آغا افتخار الدين جي وڪيل چيو ته هڪ وڊيو جي بُنياد تي 2 ڪيس ٺاهيا ويا آهن، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ وڊيو ۾ چار قانون ٽوڙيندا ته هر ادارو حرڪت ۾ ايندو، سائبر ڪرائيم ۽ دهشتگردي جي قانون جو توهين عدالت سان واسطو نه آهي، سُپريم ڪورٽ ۾ رڳو توهين عدالت جو ڪيس هلندڙآهي.

پهنجو تبصرو موڪليو