توهين عدالت، مولانا تي فرد جرم لاڳو، هفتي ۾ جواب طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ججن خلاف بدڪلامي ڪرڻ ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي قتل جون ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدار مرزا افتخارالدين آغا تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي. هڪ ويڊيو ۾ ججن کي نواز شريف ۽ زرداري جو خريد ڪيل ۽ پالتو ڪوٺڻ ۽ کين فائرنگ اسڪواڊ ذريعي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندڙ مولونا افتخار راولپنڊي جي هڪ امام بارگاهه سان وابسطه آهي. جنهن تي سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو. جوابدار بعد ۾ ويڊيو ڊليٽ ڪرڻ ۽ غير مشروط معافي جي درخواست به ڏني هئي جيڪا عدالت رد ڪري ڇڏي هئي. ايف آءِ اي جي پيش ڪيل رپورٽ بعد هن ڪيس جي ٻڌڻي اربع تي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي. جوابدار آغا افتخارالدين کي جيل اختياريون پنهنجي حراست ۾ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو. جڏهن  ته ايف آءِ اي جا لاڳاپيل آفيسر به سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيا. مرزا افتخارالدين عدالت ۾ پنهنجي موقف ۾ چيو ته مان پنهنجي وڊيو بيان تي دل سان معذرت خواهه آهيان مان انتهائي شرمندو آهيان، قانون کان علاوه بطور مسلمان به معافي چاهيان ٿو. هن چيو ته مون کي الله جي عدالت ۾ به جواب ڏيڻو آهي. مون کي وڊيو جي اپ لوڊنگ ۽ ايڊيٽنگ جي خبر نه هئي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هي معافي وارو ڪيس ناهي. اوهان عدالت سان مذاق نٿا ڪري سگهو. اهڙي طرح ته پاڪستان جو سمورو نظام ناڪام ٿي ويندو. جسٽس اعجازالاحسن چيو ته اوهان مسجد جي منبر تي ويهي اها زبان استعمال ڪري رهيا هئا جيڪا ڪو جاهل ماڻهو به استعمال نٿو ڪري سگهي. اوهان پهريان بيان ڏيو ٿا پوءِ سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪندا آهيو اهڙيون وڊيوز اپ لوڊ ڪري پئسا به ڪمائيندا آهيو. سپريم ڪورٽ مرزا افتخارالدين جي طرفان داخل ڪرايل گذريل لکت واري جواب تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي سندس مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي ۽ جوابدار کي جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏئي ڇڏي. عدالت سڳوري طرفان مرزا افخارالدين کي فرد جرم جي ڪاپي به ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو