توهين جو سوچي به نٿو سگهان، نوٽيس واپس وٺو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي توهين جو سوچي به نٿو سگهان، توهين عدالت جو نوٽيس واپس ورتو وڃي، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي سرڪلر ريلوي واري ڪيس بابت سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، جواب ۾ وڏي وزير توهين عدالت جو نوٽيس واپس وٺڻ جي استدعا ڪندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ سوڌو سمورن آئيني ادارن جي احترام سان ئي قانون جي بالادستي قائم ٿيندي آهي. ڪراچي سرڪلر ريلوي جو انتظام پاڪستان ريلوي وٽ آهي، ريلوي کاتو سنڌ حڪومت کي هڪ ڦاٽڪ به ٺاهي نٿو ڏئي، عدالت حڪم ڏئي ته ڪابينا جي منظوري بعد 3 ارب رُپيا ريلوي کاتي حوالي ڪنداسين. ايف ڊبليو او کي رقم جاري ڪري ڇڏي آهي ۽ 14 ڪلوميٽرن جي ٽريڪ تي 19 نومبر کان جزوي طوري سرڪلر ريلوي ٽرين هلي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو