تعليمي ادارا 15 سيپٽمبر کان مشروط کولڻ جي اجازت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪورونا سبب بند ٿيل تعليمي ادارا کولڻ بابت وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته 15 سيپٽمبر کان نجي ۽ سرڪاري تعليمي ادارا مشروط طور کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي. حڪومتي ايس اوپيز تي عمل ڪرڻ لازم هوندو. گذريل ڏينهن سندس صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ صوبن ۽ وفاق طرفان پيش ڪيل تجويزن تي غور ڪيو پو وڃي. جنهن بعد فيصلو ڪيو ويو ته پهرين سيپٽمبر کان مرحليپوارتعليمي ادارا مڪمل ايس او پيز سان گڏ ڇوليا ويندا. تعليمي ادارن جي حوالي سان ورڪنگ پلان تيار آهي، اين سي او سي طرفان سڀاڻي حتمي فيصلو ڪرڻ جو امڪان  آهي. اجلاس ۾ سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني خانگي اسڪولن کي بنا وياج جي قرض فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته خانگي اسڪول مالي بحران جو شڪار آهن، جيڪڏهن حڪومتي سپورٽ ملي ته سڌي يا اڻ سڌي طرح فائدو شاگردن کي ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو