تعلقي جو درجو ڏيارڻ واري تحريڪ کي 15 سال مڪمل

باڊهه(رپورٽ محمد قاسم ٻگھيو) باڊھ بچايو تحريڪ جي سڏ تي هر ڇنڇر تي ٿيندڙ احتجاج کي 15 سال مڪمل ٿي ويا پر باڊھ تعلقو نه ٿي سگهيو ان موقعي تي باڊھ بچايو تحريڪ جي اڳواڻن محمد علي خشڪ مير علي احمد بروهي گلزار گل گوپانگ امام الدين ڪانڌڙو ڪامران ساريو زاهد حسين گوپانگ نجم ڪوري لالا بشير احمد پٺاڻ مسلم جاني ساريو منور نوناري حافظ زاهد جوڻيجو فقير ارشاد ساريو اربيلو اوڏ سردار لياقت ڪنڀر قطب ڪوري وقار پٺاڻ  ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته باڊھ هڪ قديم ۽ تاريخي شھر آهي جيڪو آبادي، پکيڙ ۽ ڪاروبار جي لحاظ کان تعلقي جي درجي جو حقدار آهي. اسين باڊھ واسي گذري 15 سالن کان به وڌيڪ عرصي کان روڊن ۽ رستن تي مسلسل احتجاج ڪندا پيا اچون پر حڪمرانن جي ڪن تي ڪابه جونء نه ٿي چري. هنن چيو ته پ پ جي حڪمرانن هميشه باڊھ واسين سان اليڪشن مهم دوران اهو واعدو ڪيو آهي ته اليڪشن کٽي اچڻ کانپوء باڊھ کي تعلقي جو درجو ڏيارينداسين پر اقتدار ۾ اچڻ کان پوء  اهي اميدوار جيڪي حڪومتي ڪرسين تي ويٺل آهن اهي سڀ واعدا وساري چڪا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو