ترڪش ڪالوني مان قبضا ختم ڪرڻ لاءِ ڪاروائي شروع

ٺٽو ( رپورٽ۔  جاويد لطيف ميمڻ) ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جي ٻوڏ متاثرن لاءِ مڪلي تي قائم ٿيل ترڪش ڪالوني جي ڪوارٽرن تي ٿيل قبضن جو سنڌ ھائي ڪورٽ نوٽيس وٺندي، ٽن ڏينھن اندر ڪالوني جي مڪمل سروي ڪري قبضا خالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري سيشن جج ٺٽو کي نگراني ڪري معاملو حل ڪرائڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آهي. سيشن جج ٺٽو،  ڊي سي ٺٽو عثمان تنوير کي گھرائي لکت ۾ ھدايت نامون جاري ڪري ڇڏيو، جنھن بعد سيشن جج ٺٽو جي ڏنل حڪمن تي ڊي سي ٺٽو ترڪش ڪالوني مڪلي جي ڪوارٽرن جي سروي ۽ قبضا خالي ڪرڻ لاء اينٽي انڪروچمينٽ، اي سي ٺٽو سميت لاڳاپيل آفيسرن ۽ عملدارن سان گڏجاڻي ڪري سمورن عملدارن تي زور ڏنو ته فورن ترڪش ڪالوني مڪلي جي مڪمل سروي ۽ قبضن خلاف آپريشن لاء حڪمت عملي جوڙي ٽن ڏينھن اندر ڪاروائي کي مڪمل ڪيو وڃي، جيئن ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي سگھجي، واضح رھي ته ھاءِ ڪورٽ جي اھڙي ڪيل فيصلي بعد قبضامافيا ۾ ٿرٿلو پئجي ويو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو