علي ترين به رهي نه سگهيو، آصفه ڀٽو جومداح ٿي ويو

ملتان(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڌيءُ ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڌيءَ  آصفه ڀٽو جون سياسي سرگرميون ڪالهه سوشل ميڊيا تي ٽاپ تي رهيون پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين جي پٽ علي ترين ، آصفه جي شخصيت کي مڃڻ  کان رهي نه سگهيو .علي ترين سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٻڌايو ته سياسي اختلافات پنهنجي جاءِ تي پر آصفه ڀٽو تمام سٺي آهي آصفه ڀٽو بابت علي ترين جي ٽوئيٽ تي ٽوئٽر استعمال ڪندڙن دلچسپ راءِ پڻ ڏني.هڪ صارف چيو ته اسان علي ترين کي پي پي ۾ شموليت ڪرڻ لاءِ ڀليڪارچئون ٿا.اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته آصفه ڀٽو زرداري ڪالهه ملتان ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن وڏي جلسي کي خطاب ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو