قائم علي شاهه، امتياز، جاڳڻ ڀيو ۽ ٻين پاران مهرن سان فاتحه

خانپورمھر(ن س) سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير قائم علي شاهه خانڳڙهه پهتو جتي هن مرحوم سردار علي محمد خان مهر جي وارثن ايم پي اي علي گوهر خان مهر، ايم پي اي علي نواز مهر، صوبائي صلاحڪار سردارمحمد بخش خان مهر ۽ مرحوم جي پٽ احمد علي خان مهر سان تعزيت ڪئي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ پي پي اڳواڻ امتياز شيخ، جاڳڻ خان ڀيو ۽جي يو آءِ اڳواڻ سيد حسن شاهه جيلاني پڻ تعزيت ڪئي. گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ اڳواڻ جھانگير خان ترين وفات جي پنجين ڏينهن خانڳڙھ جي گوھر پيلس پھتو ۽ سندس پونئرن سان فاتحه خواني ڪئي هئي. ان کانسواءِ جي ڊي اڳواڻ ارباب ذڪاءاللہ کانسواءِ سڪندر خان جتوئي به دعا گهري هئي. وزيراعظم عمران خان ڪراچي مان موٽي ويو ۽ پنهنجي ڪابينا جي ميمبر جي فاتحه لاءِ نه آيو۽ فون تي عذر ڪيو هو. اهو پهريون دفعو آهي ته حاضر وزير فوت ٿي ويو هجي ۽ سندس فاتحه لاءِ ڪابينا جو ڪو به ماڻهو دعا لاءِ نه اچي. اهڙو عمل انساني بي حسي جو بدترين مثال آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن جڏهن بلاول ڀٽو دعا لاءِ آيو هو ته اڳ ۾ انتظام گوهر پيلس ۾ ڪيو ويو جنهن تي علينواز ۽ سردار محمد بخش خان اعتراض واريو ۽ چيو ته هو علي نواز جي بنگلي تي اچي. جڏهن ڀائرن ۾ ميزباني تان اختلاف ٿيو ته پوءِ عين وقت تي طئي ڪيو ويو ته مرحوم جي جاءِ تي بلاول اچي.

پهنجو تبصرو موڪليو