تربت لڳ سيڪورٽي فورسز تي حملو هڪ شهيد 3 زخمي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تربت ۾ سيڪورٽي فورسز جي گاڏي تي دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن. فوج جي تعلقات عامه جي شعبي پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته دهشتگردن اوچتو حملو ڪيو جنهن بعد وڌيڪ نفري گهرائي علائقي کي ڪڙو چاڙهي تلاشي ورتي پئي وڃي. حملو تربت کان 35 ڪلوميٽر پري پيداراڪ جي علائقي ۾ ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو