تربت بازار ۾ موٽر سائيڪل بم ڌماڪو هڪ فوت 7 ڄڻا زخمي

تربت (ويب ڊيسڪ) تربت جي بازار ۾ موٽر سائڪل ۾ لڳل بارودي مواد ريموٽ ڪنٽرول سان ڦاٽڻ سبب هڪ فوت ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. اسپتال ذريعن موجب زخمي ٿيلن مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن هڪ گاڏي گذري رهي هئي. ڌماڪي بعد گاڏي کي باهه وڪوڙي وئي، عارتن جا شيشا ٽٽي پيا، آس پاس بيٺل گاڏين کي به نقصان پهتو آهي.

Photo Twitter

زخمي ٿيندڙ سڀ عام شهري ٻڌاي پيا وڃن. بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال مذمت ڪندي چيو ته شرپسند عناصر ان سان سندن ارادو ڪمزور نٿا ڪري سگهن، هو بلوچستان جي ترقي جاري رکندا.

پهنجو تبصرو موڪليو