تترن جي ڳالهه تان همراهه قتل، ڌرڻي بعد ڪيس داخل

شيخ ڀرڪيو (مظفر علي بروهي)هوسڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير خادم ٽالپر جي رهواسي جلال الدين ٽنگڙي جو عالماڻي موري تي صبح جو ڪهاڙيون ۽ گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي. سندس وارثن شيخ ڀرڪيو حيدرآباد روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هڻي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي. لاش ڪيترن ڪلاڪن کان اس ۾ پيل آهي. مقتول جي زال امينا ٽنگڙي ,ڀاء غلام رسول ٽنگڙي,محبوب ٽنگڙي جي اڳواڻي ۾ سوين ڳوٺاڻن جو ڌرڻوجاري آهي ,وارثن جو چوڻ آهي ته يوسي چيئرمين محب ٽنگڙي جي چوڻ تي اسان جي نوجوان کي بي گناه قتل ڪيو ويو آهي , سڀاڳو ٽنگڙي  ڪچهري جي بهاني تي گهرائي گهر ٻاهران وونئڻن جي فصل ۾ اسان جي نوجوان کي ڪهاڙيون ۽ گوليون هڻي قتل ڪيو آهي محب ٽنگڙي جي ڀاڻيجي سڀاڳي سان تترن جي ڏيتي ليتي تان ڇڪتاڻ هئي جنهن تي هو اسان جي نوجوان کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندو هو  جيسيتائين  محب ٽنگڙي ۽ قاتل سڀاڳو ٽنگڙي کي پوليس گرفتار نٿي ڪري تيسيتائين اسان پوسٽ مارٽم لاءِ لاش پوليس کي نه ڏينداسين. ايس ايڇ او اياز ٻگهيو مظاهرين سان ڳالهيون ڪرڻ کان پوء روڊ  کولرايو ,پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال حيدرآباد کڻائي وئي,ايس ايڇ او جو چوڻ هو ته چئن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي ,وڌيڪ جيڪي وارث ايف آئي ار ۾ نالو ڏيندا انهن کي گرفتار ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو