تبليغ وارا سينٽرن تائين محدود، ڪيترا وائرس ۾ ورتل

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تبليغ جماعت وارن تي پوليس سخت نظر رکي رهي آهي ۽ آءِ جي پوليس جي هدايت تي کين مرڪزن تائين محدود ڪري مٿن پهرو لڳايو ويو آهي. مشڪوڪ ماڻهن جي ٽيسٽ به جاري آهي. ***ميهڙ مان غلام حسين پنھور موجب باءِ پاس وٽ ٽرڪ جي مدد سان تبليغي جماعت جا 11 ڄڻا لاريب مسجد پهتا، اطلاع ملندي ئي ايس ايڇ او ميهڙ نور مصطفي پٺاڻ تبليغي جماعت وارن کي سخت سيڪيورٽي ۾ رڪشائن تي کڻي شهر کان ٻاهر حاصل کوسو ڳوٺ لڳ عبدالله ٽائون جي مدني مسجد ۾ پهچايو ۽ مسجد کي قرنطينه جو درجو ڏيئي تبليغين کي محفوظ بڻائي پوليس اهلڪار مقرر ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي ميهڙ ڀرسان شاه پنجو ٿاڻي جي حد ۾ ٻن قرنطينه سينٽر ۾ رهندڙ ٽن ڏينهن کان تبليغي جماعت جي 21 ڄڻن مان صحت کاتي جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر فهيم سومرو جي اڳواڻي ۾ ڪرونا وائرس جو شڪ ظاهر ٿيڻ تي هڪ تبليغي عباس شاهه جا سيمپل ورتا ويا ڪرونا وائرس جو شڪ ظاهر ٿيڻ تي علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو آهي. جڏهن ته فريدآباد ٿاڻي جي حد ۾ ٻن قرنطينه سينٽرن ۾ پڻ ٻن ڏينهن کان 25 تبليغي رهيل آهن جن جا پڻ صحت کاتي پاران سمپل نه ورتا ويا آهن. مجموعي طور ميهڙ ۾ 67 تبليغي مختلف مسجدن تائين محدود آهن. *** سيوھڻ مان رميز علي سولنگي تبليغي جماعت جي موجودگي جي اطلاع تي سيمس ميڊيڪل ٽيم  اي سي سيوھڻ ۽ ڊي ايس پي سيوھڻ فوري طور ايڪشن ۾ اچي عاشَ  مدرسي  پھچي 17 شڪي ماڻھن کي فوري طور سيمس آئيسوليشن وارڊ ۾ منتقل ڪري ڇڏيو . 18 ٻين تبليغي ميمبرن کي جن کي ڪا به تڪليف نه آھي انھن کي مدرسي ۾ ئي ڪوارنٽين ڪيو ويو آھي جن کي روزانو چڪاس ھيٺ رکيو ويندو ۽ 35 جي ئي ٽيسٽ ڪئي ويندي.*** گهوٽڪي مان سليم فضل ڪلهوڙو موجب 60 تبليغي جماعت وارن کي مقامي مسجد ۾ رکيو ويو آهي جتي متاثرن جي ٽيسٽ ڪئي پئي وڃي. مٿن پهري لاءِ پوليس ۽ رينجرز کي مقرر ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو