تبليغي وائرس ۾ ورتل، وينٽيليٽر نوابشاهه حوالي،احتجاج

نوشهروفيروز (منظور ملڪ) ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن (ر) بلال شاهد رائو هڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته ضلعي ۾ تبليغي جماعت جي 3 ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت آئي آهي. ان تبليغي جماعت جي ڪورونا وائرس متاثر ماڻهن پاران ڪورونا ٽيسٽ ۽ قرنطينه سينٽر ۾ اچڻ کان اڳ هيٺ ڄاڻايل 8 ڄاين ، صديقيه مسجد ڀريا روڊ، قاري مسجد ڀريا روڊ، مڪي مسجد ڀريا، امير حمزه مسجد، مدرسه حسين ابن علي ڀرياروڊ ۽ جامعة العربيه مدينته العلوم هالاڻي روڊ محرابپور جا دورا ڪيا. جنهن بعد 16 مارچ تي جماعت نوشهروفيروز جي حد ۾ داخل ٿي. جڏهن ته ٻي ٽيم جيڪا 21 مارچ تي ضلعي ۾ پهتي ان مدينه مسجد محرابپور اسٽيشن، مڪي مسجد، عمر فاروق مسجد محرابپور، جامعة العربيه مدينة العلوم هالاڻي روڊ محرابپور، مرڪزي مسجد محرابپور، ڳوٺ امان الله ناگور، ڳوٺ يحيِٰ ڀٽي مسجد، مسجد اقصيٰ ساندي وليج، پير قائم شاهه ۾ وئي هئي. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو آهي ته انهن سمورين جاين تي جيڪي ماڻهون انهن تبليغي جماعت سان مليا هئا اهي پاڻ مرادو آئسوليشن ۾ هليا وڃن ته جئين ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪي سگهجي ۽ وڌيڪ نقصان کان بچي سگهجي.*** ٻئي پاسي ڪورونا ايمرجنسيءَ واري صورتحال ھوندي سول اسپتال مان10 وينٽيليٽر نوابشاھ منتقل ڪرڻ خلاف ٻئي ڏينھن به شھري ايڪشن ڪميٽي ھيومن رائٽس ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي محمد يونس راڄپر خادم حسين سيال مولا بخش امجد علي پيراميڊيڪل جي صوبائي اڳواڻ خادم حسين مستوئي اشرف قريشي ۽ ٻين چيو ته حڪومت غريب مريضن کي سھولتون ڏيڻ بجاءِ ڏنل سھولتون کسي رھي آھي جيڪو ھڪ وڏو ظلم آھي جنھن کي ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. اڳواڻن چيو ته ھن وقت نوشھرو فيروز ۾ ڪورونا وائرس جا ٽي ڪيس ظاھر ٿيڻ کان پوءِ به وينٽيليٽر جي سھولت کسي ويئي آھي اھي ٽئي ڪيس بنا وينٽيليٽر جي قرنطينيه سينٽر بحريه ڪميونٽي ڪاليج ۾ موجود آھن ھن ايمرجنسي ھوندي وينٽيليٽر واپس ڪيا وڃن. ياد رهي ته هڪ هفتو اڳ پ پ ايم اين اي ذوالفقار بهڻ هٿان افتتاح ڪرايل 10 وينٽي ليٽر مشينون نوابشاهه منتقل ڪيون ويون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو