تبديلي سرڪار عوام جي وات جو گرهه به کسيو آهي، محنتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اٽي جي بحران ۽ قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي موجوده حڪومت جي نااهلي ۽ غريب عوام جي وات مان گرهه کسڻ برابر قرار ڏنو آهي. هن مطالبو ڪيو ته اٽي سميت روزاني استعمال وارين شين جي قيمتن کي ڪنٽرول ڪري بحران پيدا ڪندڙ ۽ ذخيري اندوزي ۾ ملوث مافيا خلاف سخت ڪاروائي ڪري عام ماڻهن کي رليف فراهم ڪيو وڃي. هن هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته هڪ زرعي ملڪ ۽ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ هميشه کان خودڪفيل هئڻ باوجود تبديلي جي دعويدارحڪمرانن جي دور ۾ غريبن لاءِ هڪ ويلو ماني به محال ٿي وئي آهي.گذريل ڪجهه عرصي کان سموري ملڪ ۾ اٽي جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو  حڪومت جي نااهلي ۽ بيڊ گورننس جو اعلى مثال آهي، جڏهن ته فلورملز ايسوسي ايشن پاران ڊسمبر کان فروري تائين ڪڻڪ جي شديد کوٽ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ اڃان وڌيڪ اضافي جي اڳڪٿي سان عام ماڻهو جي پريشاني ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي، حڪومتي بدانتظامي ۽ نااهلي جي ڪري ڪڻڪ جي في مڻ قيمت ۾ زبردست اضافو ٿيو آهي جنهن جي ڪري عام ماڻهو کي ٻچن لاءِ ٻن ويلن جي ماني ڳڀي جو بندوبست ڪرڻ به مشڪل ٿي پيو آهي.اٽي ۽ کنڊ بحران جي ذميوارن خلاف موثر ڪاروائي ڪئي وڃي ها ته اڄ اُهي ڏينهن ڏسڻا نه پون ها، موجوده حڪومت جو اهو الميو آهي ته عمران خان جنهن به شيءِ جي قيمتن ۾ اضافي جو نوٽيس وٺي ٿو ان جون قيمتون هيڪاري ٻيڻ تي وڌي وڃن ٿيون، وزيراعظم جي واضح هدايتن باوجود نه اٽو سستو ٿيو نه ئي وري ماني، پيٽرول، گيس، بجلي، دوائن، اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته موجوده حڪمران عوام کي ريليف ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه آهن ۽ ملڪ معاشي تباهي جي ڇيڙي تي بيٺل آهي، هڪ پاسي حڪومت جي نااهلي ۽ مس مينجمينٽ جي ڪري ڪڻڪ جي قيمتن ۾ اضافو ته ٻي طرف وري هاڻي  ڪڻڪ جي پوکائي لاءِ هارين کي ٻج فراهم ڪرڻ به وڏو مسئلو بڻجي چڪو آهي جيڪو هڪ زرعي ملڪ لاءِ شرم جهڙو مقام آهي. ملڪ ۾ بمپر ڪراپ لهڻ ، سنڌ ۽ پنجاب جي گُدامن ۾ وافر مقدار ۾ ڪڻڪ جي موجودگي جو اعلان ڪرڻ باوجود يوڪرين کان 15 لک ٽن ڪڻڪ گهرائي وئي. ڊسمبر ۽ فيبروري ۾ اٽي جي وڏي بحران جي اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي، هن وقت اٽو 65 کان 70 روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن صورتحال ساڳي رهي ته 100 روپيا في ڪلو به ٿي سگهي ٿو، حڪومت جا سڀئي اعلان ڌوڙ ٿي چڪا آهن جڏهن ته مارڪيٽ ۾ اٽي جي قيمتن ۾ رپيو به گهٽتائي ناهي ٿي سگهي جنهن جي ڪري عام ماڻهن کي پيٽ بُکايل ٻچن جو پيٽ ڀرڻ مشڪل ٿي پيو آهي. صوبائي امير حڪومت کان پُرزور مطالبو ڪيو ته فوري طور تي فلور ملز کي مناسب مقدار ۾ ڪڻڪ جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، اوپن مارڪيٽ ۽ يوٽيلٽي اسٽورز تي اٽي جي قيمتن ۾ مناسب گهٽتائي ڪري عوام کي حقيقي رليف ڏئي ته جيئن عام ماڻهو سُک جو ساهه کڻي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو