تازي پيل برسات سبب پڪل فصلن کي ڪاپاري ڌڪ

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ پيل تازي برسات سبب ڪڻڪ، سرنهن، ڄانڀي، ڌاڻن ۽ ٻين فصلن کي سخت نقصان پهتو آهي. ڪجهه علائقن ۾ پيل ڳڙي سبب ته ڪک به نه بچو آهي. ڊرگهه بالا مان اسماعيل لانگاهه موجب ڪاڇي جي مختلف شهرن توڙن ننڍن ڳوٺن ۾ هوائن ڳڙي  ۽ گجگوڙ سان برسات جو وسڪارو ٿڌ وري موٽي آئي ڪڻڪ ,سرنهن, صونف,ڄانڀي جي بيٺل فصل ۽ ديرن کي سخت نقصان آبادگارن ۾ پريشاني خبر موجب, ڊرگھ بالا سميت ڪاڇي جي ٻين شهرن قصبو,ڇني, پٽ گل محمد, هيروخان, حاجي خان,واهي پانڌي, ٽنڊو رحيم خان, ۽ ٻين ڳوٺن بهاول ٻٻر, چاڪر ڪوٽ, مٺو لنڊ, پوٺو لنڊ, سيوو جمالي, ڪنڊو ٻٻر, ڇڊي سول, حيات خان چانڊيو,محمد حسن گرماڻي, واهي برادي, جعفر خان لنڊ, راڄو ڳنڍو, بري, بازمال کوسو, سول سميت جابلو پٽي ۽ گاج بنگلن کيرٿر جبل وارن علائقن ۾ گجگوڙ, هوائن ۽ ڳڙي سان ڪٿي هلڪي ڪٿي تيز برسات پئي ٿڌين هوائن ۽ ڳڙي سان پيل برسات کانپوء درجه حرارت گهٽجي وئي ٿڌ وري موٽي آئي, جڏھن  ته ڪڻڪ سرنهن ڄانڀي ۾ ھلندڙ لابارا رڪجي ويا, ٻئي پاسي مختلف هنڌن تي پيل ڪڻڪ ۽ ديرن کي سخت نقصان پوڻ ڪري هارين ۽ آبادگارن ۾ مايوسي پکڙجي وئي ***سانگھڙ مان نادر بڙدي مطابق وقفي وقفي سان تيز برسات ، ڪڻڪ جي فصل کي نقصان پهچايو آهي، شھر جي ھيٺاھين علائقن ۾ پاڻي بيھجي ويو.

بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ شھرين جا سُور ٻيڻا ڪري ڇڏيا سانگھڙ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رات دير تائين وقفي وقفي سان تيز برسات وسي برسات سبب ڪجھ علائقن جنهن ۾ چوٽياريون ورڪشاپ گجري ٽنڊو مٺا خان جهول ڪنڊياري  ۾ ڪڻڪ جي فصل ، لابارو ڪيل ڪڻڪ جي خراب ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي جڏهن ته سرڪار پاران خريداري نه ھئڻ ڪري آبادگار سخت پريشان ٿي ويا آهن ٻئي پاسي تيز برسات سبب سانگھڙ شھر جي ھيٺاھين علائقن سول اسپتال گيٽ ميرپور چوڪ چوٽياريون روڊ   ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پاڻي بيھجي ويو جڏهن ته برسات سبب سڄي رات بجلي جي بندش رھي ۽ مختلف علائقن ۾ اڃا تائين بجلي بحال نه ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو