تاريخي قبرستان برسات ۽ شهر جي گٽرن جي پاڻي ۾ ٻڏل، قبرون ڊهي پيون

دڙو (امداد ميمڻ) شهر جو 5 سوُ سالا قديم پير ڦل قبرستان ۾ برساتي ۽ گٽرن جو پاڻي بيھڻ سبب سوين قبرون ڊھي پٽ پئجي ويون آھن. قبرستان مان برساتي ۽ سيلابي پاڻي کي ڪڍڻ لاء دڙو جي ٽائون ڪميٽي انتظاميا اڃا تائين ڪي به قدم نه کنيا آھن. جڏھن ته ٽن ايڪڙن تي پکڙيل تاريخي پير ڦل قبرستان کي چوُديواري نه ھجڻ سبب ان ۾ ڪتا, گڏھ, ٻڪريون ۽ ٻين جانورن ان کي پنھنجو مستقل آمجگاھ بنائي ڇڏيو آھي. قبرستان جي متولي ذوالفقار سومرو, رمضان بلاولي ۽ ٻين ٻڌايو ته تازو پيل برساتن ۽ ڀر واري مين گٽر نالي جو گندو پاڻي پير ڦل قبرستان ۾ سيلاب جي صورت ۾ داخل رھيو آھي. جڏھن ته قبرستان کي چوديواري نه ھئڻ سبب ڪتن گڏھن ۽ ٻڪرين قبرن کي ڊاهي ڇڏيو آھي. جنھن سبب قبرستان ۾ مدفن ڪجهه مردن جا ھڏا ۽ ڊانچا ٻاھر نڪري آيا آھن. ھنن چيو ته تاريخي قبرستان جي وڏي پئماني تي لتاڙ ۽ ان جو تقدس پائمال ٿي رھيو آھي. انتظاميا کي ڪافي ڀيرا برساتي پاڻي ڪڍرائڻ, ڪريل قبرن جي ٻيھر بحالي ۽ قبرستان کي چوُديواري ڏيارڻ لاء چئي چئي ٿڪجي پيا آھيون. ان باوجود ڪير به ڌيان ڏيڻ لاء تيار نه آھي. ھوڏانھن دڙو جي واپاري ايسوسيشن جي صدر ۽ شھرين نظير سومرو, اعجاز اختر ميمڻ, اقبال سومرو, علي رضا ڪڇي, جي ايم شاھ, پ پ اڳواڻ غياث ميمڻ, عبدالحميد ميمڻ, چونڊيل ڪائونسلر جاويد حسن ميمڻ, سماجي اڳواڻ طلعت آڪاش ڀٽي, نواز سومرو  ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته انتظاميا جي نااھلي سبب دڙو جي پير ڦل قبرستان سميت سمورو شھر به زندهه ماڻهن جو قبرستان بڻيل آھي. ھنن چيو ته لکين روپيا بجيٽ رکڻ باوجود ٽائون انتظاميا اگھور ننڊ ستل آھي. شھر ۾ پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي ترقياتي ڪم ٿي رھيا آھن. سڄو شھر اجڙي ويو آهي. ھنن گھر ڪئي ته دڙو جي تاريخي قبرستان مان برساتي پاڻي ڪڍڻ سميت چوُديواري ڏياري سارسنڀال لاء ٽائون طرفان چوڪيدار ۽ مالي مقرر ڪيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو