بگڙيل سماج کي سڌارڻ جي ذميواري ڪنهن جي ٿي بڻجي؟

ليکڪ    ايڊوڪيٽ عبيد الله ڇڄڻ

اِن ڳالهه ۾ ته ڪو شڪ ناهي جو اڄ هر آئي ڏينهن يا رات جي اونداهي ۾ حوا ڄائين نياڻين سان طرح طرح جا واقعا پيش اچن ٿا. انهن ڪهڙن واقعن جو تذڪرو ڪجي. سڄي ملڪ مان روزانو جي بنياد تي ڪيئي نياڻيون وحشي بگهڙن جو شڪار ٿين ٿيون. آئون ملڪ جي چئني صوبن اندر انهن شرمناڪ عملن جو تعداد ته نٿو ٻڌائي سگهان، باقي سنڌ ۾ ڪشمور کان ڪراچي تائين جيڪي واقعا رپورٽ ٿين ٿا، سي به سون جي تعداد ۾ رپورٽ ٿي رهيا آهن.  ڪجهه وقت پهريان هڪ اين جي او پاران نياڻين سان زيادتين جي واقعن جي سروي ڪري ان جا انگ اکر ته ٻڌايا ويا هُئا پر منهنجي خيال موجب اُهي تفصيل ته اُهي ڪيسز هُئا جيڪي مختلف حدن اندر ٿاڻن تي رپورٽ ٿين پيا. باقي جيڪي اڻ رپورٽيڊ ڪيسز آهن، انهن بابت ته اڄ سوڌو ڪنهن سار سنڀار ئي ڪونه لڌي آهي. منهنجي ماضي جي صحافتي تجربي مطابق آئون نٿو سمجهان ته سڄي سنڌ جو ڪو شهر يا ٻهراڙي سميت ڪو اهڙو ٿاڻو هجي، جتي هر آئي ڏينهن انهن حوا ڄائين سان ڪي شرمناڪ زيادتين، ناجائزين، قتل غارت جا واقعا پيش نه ٿيندا هجن. اصل ۾ انهن واقعن کي لڪائڻ ۽ دٻائڻ ۾ جيترو مکيه ڪردار مٽ ۽ مائٽ جو ٿئي ٿو، ان ۾ حد جي پوليس انتظاميا به ڀاڱي ڀائيوار هوندي آهي. پاڻ ٿورڙو ماضي طرف جيڪڏهن هلنداسون ته لاتعداد اهڙا ڏکائيندڙ منظر سامهون اچي ويندا، جيڪي ڪافي عرصي کانپوءِ پڌرا ڪيا ويا. مون مختلف وقتن تي سنڌ جي نياڻين، عورتن توڙي جو معصوم ٻارڙين سان ٿيندڙ زيادتين جي اِشوز تي لکيو آهي ته آخر هي سماج ڪڏهن سڌري پنهنجي حقيقي راهه تي گامزن ٿيندو. اسين سنڌ جا قلمڪار هجون، سنڌ جا اديب، شاعر، دانشور توڙي جو هر باشعور مرد هجي يا عورت، هر پيش ايندڙ واقعي کانپوءِ ان کي ڀرپور طريقي سان ننديون ٿا. گڏوگڏ اِخلاقي ۽ فرضي هدايتون به جاري ڪريون ٿا پر اُهو عيني بليدي جو واقعو هجي يا تازو ٺٽي ضلعي اندر اُهو واقعو هجي، جنهن ته سر ئي وڍائي ڇڏيا. جتي هڪ وحشي پاران 14 سالن جي فوتڻ نياڻين کي قبر کوٽي ان مان ڪڍي ڪنهن جهنگ ۾ وڃي سڀ حياءُ ۽ شرم جا ليڪا لتاڙيا. آئون ٺٽي پوليس کي خراج تحسين پيش ٿو ڪريان جنهن پنهنجو فرض نڀائيندي انهي درندي انسان کي پنهنجي انجام تائين پهچائڻ ۾ دير نه ڪئي. گڏوگڏ انهي درندي جا مائٽ به خراج تحسين جي لائق آهن، جن اهڙي وحشي جو لاش وٺڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. آئون مڃان ٿو ته سنڌ پوليس ۾ پنج آڱريون برابر ڪونه آهن. آئون جيڪڏهن ٿورڙو ويجهو ماضي ۾ ويندس ته مون کي ڪشمور پوليس جو به فرض شناس واقعو ياد اچي ٿو، جتي به هڪ بي حيا انسان ٽن سالن جي نياڻي سان زيادتي ڪئي هُئي. انهيءَ درندي کي به مقامي پوليس ڏاڍو ترت انجام تي پهچايو هو.  مون شروعاتي سِٽن ۾ عرض ڪيو ته اڄ حوا ڄائين جون عزتون غيرمحفوظ آهن. اسين هڪڙي واقعي تي لکون ٿا ته ٻي صبح اهڙا عجيب منظر سامهون اچن ٿا، جيئن جتي 14 آگسٽ جي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ جشن آزادي ملهائجي رهي هُئي ته اُتي پنجاب جي گادي واري هنڌ شهر لاهور جي مينار پاڪستان وٽ انهن بي حيائن پاران هڪ نياڻي سان ڪيڏي نه بي حيائي ڪئي پئي وئي، جنهن تي ته ملڪ جي وزيراعظم به نوٽيس ورتو آهي پر ٺٽي جي انهي دفنايل نياڻي هجي يا سنڌ جون ٻيون نياڻيون هجن، آئون ڪهڙو نانءُ لکي ڪهڙو لکان، انهن بابت ته اڄ سوڌو ڪنهن چَپ ئي ڪونه چوريا آهن. لڳي ائين رهيو آهي ته شايد سنڌ هن ملڪ جو حصو ئي ڪونه آهي. لاهور موٽر وي واري واقعي تي به انتهائي افسوس اٿم پر گڏوگڏ ايترو ضرور چوڻ لازمي سمجهان ٿو ته ملڪ جي وزيراعظم جو پنجاب يا ڪي پي ڪي اندر ڪنهن حوا ڄائي ته ڇا پر جيڪڏهن ڪنهن صحافي سان ڪا بدتميزي ٿئي ٿي، ڪو ڪيس داخل ٿئي ٿو ته وفاقي پارلياماني آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي پر خبر ناهي ته سنڌ ڌرتي تي ٿيندڙ واقعن تي به وفاقي حڪومت 18هين ترميم جو جواز ڄاڻائي خاموش رهي ٿي. حقيقت ۾ مون کي هن ڀيري هڪ ٻي اِشو تي لکڻو هو پر دل دردن سان ڀري پئي آهي ته آخر اسان سنڌ جي ماڻهن سان اهڙو رويو ڇو پيو رکيو وڃي ۽ آخر ڪيستائين اسين انهي سوچن ۽ فڪرن واري لڪير ۾ لٽڪيل رهنداسين. سنڌ صوبي اندر حوا ڄائين سان طرح طرح جا واقعا ته ٿيندا رهن ٿا. ڪٿي ڪارو ڪاري جو نالو ڏنو ٿو وڃي ته ڪٿي وري زال مڙسن جا جهيڙا، سس ننهن جو تڪرار ته ڪٿي وري انڌي جهالت آهي، شل نه ڪٿي ماني ٽڪر ڏيڻ ۾ دير ٿي هجي، پوءِ ڪُهاڙي ۽ لٺ جو وَسڪارو پيو هوندو. موٽ ۾ اهڙن واقعن جي خبر تڏهن ٿي پوي جڏهن اُها نياڻي يا عورت وڃي موت جي منهن چڙهي ٿي ۽ يقينن اڪثر ڪري اهڙا واقعا رپورٽ ئي ڪونه ٿا ٿين. اهڙن واقعن کان علاوه اڄڪالهه هر روز پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا اندر نياڻين جي اغوائن جون خبرون زينت بڻيل آهن، مون کي ياد ٿو اچي ته اڄ کان 20 سال پهريان منهنجي هڪ ويجهي دوست جيڪو يقينن ڏاهپ ۽ عقلمندي سان سرشار آهي، ڪشمور ضلعي سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر امان الله ڀٽو جو چوڻ هُو ته اڄ جي دور ۾ اوهان جي دانائي اِها هوندي جو اوهين اخبارون پنهنجن گهرن ۾ نه کڻي ويندؤ، ڇو ته انهن اخبارن ۾ طرح طرح جا واقعا خاص طور پريم پرڻا، نياڻين جون خودڪشين جهڙا دل ڏکوئيندڙ واقعا شايع ٿيل هجن ٿا پوءِ انهن سان سٺو اثر ڪونه ٿو پوي، مون تنهن ڏينهن دوران اِها ڳالهه هڪ ڪن کان ٻڌي ۽ ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏي هُئي پر اڄ وقت گذرڻ بعد انهيءَ عقلمند ماڻهو جا چيل لفظ اڄ صحيح ثابت ٿيڻ جي عڪاسي ڪن ٿا.  اڄ هر ماءُ ۽ پيءُ پريشان حال آهي. هي اغوا جا واقعا، جن ۾ نه رڳو ڇوڪريون پر ڇوڪرا به والدين جي عزتن سان کيڏي رهيا آهن. روزانو پاڻ کي اڻ ڳڻيا واقعا پڙهڻ ۽ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. نه رڳو اِهو پر جيڪڏهن آئون وري ساڳئي وقت عدالتن جي احاطي ۾ نظر وجهندس ته اُتي هاءِ ڪورٽ يا سيشن ڪورٽن اندر روزانو ڪيترائي پريم پرڻن جا جوڙا سڀ حياءُ ۽ شرم جا ليڪا لتاڙي حفاظتي درخواستون کڻي پهچن ٿا، يقينن اهو منظر به ڏسڻ ۽ هر باضمير لاءِ سبق وٺڻ وٽان هوندو آهي. جڏهن عدالت پاران انهي شادي ڪندڙ ناري کي پنهنجن والدين سان ڪجهه لفظ ڳالهائڻ جو چيو ويندو آهي ته اُها پنهنجي جيجل ماءُ ۽ پيءُ سان ڳالهائڻ ته ڇا پر سڃاڻڻ لاءِ به تيار ڪونه هوندي آهي ۽ تنهن وقت جڏهن اُها ماءُ پنهنجي نياڻي جي شادي بغير رضامندي ٿيڻ جو ڏسي جيڪي نير وهائي رهي هوندي آهي، سي ڏسي يقينن هر اک آلي ٿي وڃي ٿي. مڃون ٿا ته اسلام ۽ قانون توڙي جو ملڪ جو آئين هر ڪنهن کي اِها اجازت ڏئي ٿو ته هو پنهنجي مرضي جو فيصلو ڪري، مرضي جو ور وٺي يا وني وٺي پر اسلام ۽ قانون ۾ نڪاح جا ٽي قسم هوندا آهن. (1) نڪاح صحيح. (2) نڪاح فاسد. (3) نڪاح باطل. آئون جيڪڏهن انهي ٽنهي نڪاحن جي ترجمي ۽ تشريح تي هليو ويندس ته منهنجو آرٽيڪل ئي انهن جي وضاحتن طرف هليو ويندو پر مجموعي طور مون ڏٺو آهي ۽ بحيثيت هڪ قانوندان هجڻ جي ناتي اسان جي هن معاشري ۾ اڪثر ڪري جيڪي پريم پرڻا ٿين ٿا، تن ۾ نڪاح فاسد ۽ نڪاح باطل جي شرح عروج تي آهي ۽ نتيجي ۾ اُهو ڪجهه ٿئي ٿو، جيڪو اسين وري فيملي ڪورٽن اندر ڏسون ٿا. اهڙن نڪاحن ٽٽڻ جي ڪا مُند ۽ موسم به ڪونه ٿي ٿئي. نتيجي طور پيار جي پرڻن کانپوءِ جيڪو برو اثر اولاد تي ٿئي ٿو تنهن جو ته ڪو اندازو به نٿو لڳائي سگهجي ۽ ان وقت ۾ هنيانءُ ڏاريندڙ ۽ جيءُ جهوريندڙ منظر سامهون ايندا آهن. جڏهن انهي معصوم ٻچڙن جي هڪ هٿ ۾ ماءُ ۽ ٻئي هٿ ۾ پيءُ  جو هٿ هوندو آهي. يقينن انهي اولاد ٻچڙن جون دانهون ۽ ڪيهون ٻڌي منهنجي خيال ۾ ته عرش الاهي به هلي ويندو هوندو پر افسوس جو اسان جي هن معاشري جي عورت هجي يا مرد ان ۾ ڪو احساس ئي ڪونه رهيو آهي ته اسين ڪهڙا پيا فيصلا ڪريون. رڳو اَنا جو مسئلو بنائي انهن معصومن جي زندگين سان پيا راند رَچندا آهن. انهي والدين کي اِها خبر ناهي ته هي ٻچڙا جڏهن وڏا ٿيندا ته اسان انهن پاران ڪيل ڪهڙن سوالن جا جواب ڏينداسين. قانون ۾ اولاد جو حقيقي وارث ته پيءُ هوندو آهي پر اصل ۾ انهي اولاد جي پرورش ماءُ ٿي ڪري. جنهن ڪري اڪثر ٻار پيءُ بدران ماءُ ڏانهن گهڻو رُخ ڪندا آهن ۽ عدالت پاران به قانون موجب فيصلي ڏيڻ کانپوءِ انهي پريم پرڻي بدران اصل تڪليف اولاد کي ٿئي ٿي.  پاڻ جيڪڏهن اغوا جي واقعن کي گهرائي سان ڏسون ته جيڪي واقعا روزانو اخبارن ۾ ڇپجن ٿا، ڪڏهن گهوٽڪي جي حضوران جو اغوا وارو واقعو ڇپجي پيو ته وري ڪڏهن ڪشمور جي افروزه ۽ نوشي سومرو کي اغوا ڪرڻ جون خبرون پيون اچن. ساڳي وقت لاڙڪاڻي واسڻ ارم شيخ به پنهنجي پريمي سان گڏ تحفظ لاءِ وومين ٿاڻي تي پهچي دانهين ٿي يعني ڪو اهڙو ڏينهن شايد نه هجي جنهن ڏينهن تاريخ اهڙي قسم جي واقعن کان خالي هجي. انهن نارين جا والدين ته مجبور آهن جو اهڙن واقعن کانپوءِ ٿاڻي تي وڃي اغوا جون ايف آرون به ڪٽرائين ٿا ۽ ڪٿي ڪٿي گرفتاريون به عمل ۾ اچن ٿيون ۽ سالن تائين اهڙا ڪيس عدالتن اندر به هلندا رهن ٿا. هتي هڪڙو سوال ٿو پيدا ٿئي ته مڙس طرفان عورت کي مارڻ يا ڪو الزام هڻڻ سان گڏوگڏ ٻيا طرح طرح جا جنم وٺندڙ جهيڙا جنهن کانپوءِ اُها حوا ڄائي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿي يا وري ڪٿي ڪٿي ائين به ٿيندو آهي جيئن ڪوٽ غلام محمد جي ڳوٺ خداداد مان 17 ورهين جي ناري وِلاهي باگڙي جو ڳلو ڪپيل لاش گهر مان مليو، جنهن بعد پيءُ جو چوڻ هو ته سندن ڌيءَ پاڻ خودڪشي ڪئي آهي يعني اهڙا پيش ايندڙ واقعا معلوم به هوندا آهن، پر عزتن خاطر معاملن کي دٻايو ويندو آهي. بهرحال، هن سڄي نقصان پٺيان ڪنهن جو هٿ يا ڪوتاهي ٿي سگهي ٿي، اِهو هڪ وڏو اِشو آهي، جنهن تي ايندڙ ڪالم ۾ لکبو.

advocateubedullah@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو