بگٽين جو ڊومڪين تي حملو، انڊس هاءِ وي بلاڪ ٽريفڪ بند

ڪشمور )جي ايم کوسو ) مانگهرڦاٽڪ لڳ انڊس ھاءِ وي تي ڊومڪي برادري  جي سوين ماڻھن ٽائرن کي باھيون ڏيئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. جنهن سبب پنجاب ۽ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بند تي وئي ۽ روڊ جي ٻنهي پاسي گاڏين جو ن وڏيو قطارون لڳي ويون. ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته اڄ صبح جو بگٽي قبيلي جي نامعلوم ھٿياربندن ڳوٺ سليم جان ڊومڪي مٿان جديد ھٿيارن ۽ راڪيٽ لانچرن سان حملو ڪري انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي. اڃا ڪنهن به جاني مالي نقصان جو اخلاع ناهي مليو. جنهن تي ڊومڪي برادري جي سوين ماڻھن انڊس ھاءِ وي بلڪ ڪري حلو ڪندڙن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو. پوليس مسافر گاڏين کي شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ کان ئي واپس ڪري براسته سکر ڏانھن موڙي پنھنجي منزل ڏانھن روانو ڪيو. ڪشمور جي ايس ايڇ او خان محمد بروھي جو چوڻ آھي ته ڊومڪي برادري جي ماڻھن کي روڊ کولڻ لاء چيو ته ھنن جواب ڏنو ته پھريان ھٿياربند گرفتار ڪياوڃن.ماڻھن جو چوڻ آھي ته ڊومڪي برادري جي ماڻھن بگٽين کي 2ڪروڙ روپيه وياج تي قرض ڏنو هو ۽ ڌرين ۾ ڏيتي ليتي تي اختلاف هلندڙ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو