بک ٿا مرون لاڪ ڊائون کوليو، دوڪاندارن جو احتجاج

جروار (محمد بخش گبول)ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب ڊي سي گهوٽڪي پاران نوٽيفيڪيشن جاري ڪندي ڄاڻايو ته ٻين علائقن سان گڏ جروار شهر ۾ پڻ لاڪ ڊائون ڪريو، جيئن ڪورونا جي ڪيسن ۾ واڌ رڪجي سگهي. ڊي سي گهوٽڪي اهو حڪم پڻ جاري ڪيو ته عمل نه ڪندڙ خلاف قلم 188 تحت ڪاروائي ڪئي ويندي. ڊي سي جي اهڙي حڪم بعد جروار پوليس حرڪت ۾ اچي شهر بند ڪرائي ڇڏيو ۽ مختلف چوڪن تي رڪاوٽون وجهي ايندڙ ويندڙ رستا مڪمل طور بند ڪرائي ڇڏيا. هوڏانهن ٻن ڏينهن کان شهر بند هجڻ ڪري شهري ۽ دڪاندارن سچا نند, نادر علي,غلام بوزدار, غلام حيدر, ضياء چاچڙ, دوارڪا مل ۽ ٻين جروار شهر  جي مين چوڪ تي احتجاج  ڪيو . هنن چيو ته ڇهن مهينن کان مسلسل لاڪ ڊائون مان بيزار ٿي چڪا آهيون اسان وٽ کائڻ لاء ڪجھ ناهي انتظاميه اڳ ۾ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪري پوءِ ڀلي لاڪ ڊائون ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو