بک ٿا مرون راشن ڏيو، سکر ۾ سوين ماڻهن جو احتجاج

سکر (جيرام داس )مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ روزانو جي بنياد تي مزدوري ڪندڙ ماڻهن جي وڏي انگ راشن نه ملڻ ڪري سکر انتظاميه خلاف احتجاج ڪيو. ان سلسلي ۾ مزدورن امام الدين، سرور چوهاڻ، نعيم الحق، بابر لغاري ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت پاران غريبن ۾ راشن ورهائڻ جا اعلان ڪيا ويا آهن پر سکر انتظاميه راشن ورهائڻ واري عمل جي ذميواري يو سي چيئرمينن کي ڏني آهي پر يو سي چيئرمنن ته ماڻهن کي صابڻ تائين نه ڏنو غريبن کي راشن ڪٿان ڏيندا. هنن وڌيڪ چيو ته اڄ ڇھون ڏينهن آهي ماڻهو گهرن تائين محدود آهن جنهن ڪري مزدور طبقي سان لاڳاپيل ماڻهو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. هنن جلد راشن فراهمي جو مطالبو ڪيو. امداد وٺڻ لاءِ گڏ ٿيل ماڻهن هجوم گڏ نه ٿيڻ جي هدايتن تي عمل نه ڪيو انتظاميه به خاموش تماشائي بڻيل رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو