بڙدي برادري جو پلاٽ تان جهيڙو 10 زخمي

ڪنب (رپورٽ صفدرچانڊيو) ڳوٺ بخشڻ خان بڙدي ۾ برادريء جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، لٺين، ڪهاڙين ۽ سروٽن جو آزادنا استعمال، نتيجي ۾ چئن عورتن سميت 10 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. جن ۾ مسمات بکان، مسمات ڏنل، مسمات جيجل، مجاهد حسين، مختيار حسين، اختيار حسين، امام ڏنو، گامڻ خان، عرفان علي ۽ جان محمد بڙدي شامل آھن. زخمين کي علاج واسطي اسپتال کڻايو ويو آھي. جڏھن ته جهيڙي  جو ڪنب پوليس کي بروقت اطلاع ڏنو ويو، پوليس دير سان واقعي واري هنڌ  پهتي. جڏھن ته آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل ڪو نه ٿيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري ٿي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو