بچاءَ بند تي پاڻي جو دٻاءُ، ڪمشنر جو دورو،حفاظتي ڪم تيز

مٽياري(رياض چانڊيو) سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي اضافي وهڪرن کان پوءِ ضلعي مٽياري مان گذرندڙ ايس ايم بچاءَ بند تي پاڻي جي دٻاء وڌڻ ۽ آبپاشي کاتي توڙي ضلعي انتطاميه پاران جاري بندوبست جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ ۽ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو ڀاڻوٺ ۽ هالا لڳ صورتحال جو جائزو ورتو. ان موقعي سپرنٽنڊنٽ انجنيئر روهڙي ڪئنال مختيار احمد ابڙو ڪمشنر حيدرآباد کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڀاڻوٺ وٽ ٽي اسپر جي مرمت جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي ۽ ٽي اسپر جي ڪمزور حصي کي پٿرن سان مضبوط ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته هالا لڳ بچاء بند تي پٿر آڻي بند کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺي رهيا آهيون. ڪمشنر حيدرآباد ڀاڻوٺ ٽي اسپر کي مضبوط ڪرڻ سان گڏوگڏ هالا وٽ ايس ايم بچاء بند جي مضبوطي لاءِ فوري طور تي آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه کي ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ضلعي مٽياري مان گذرندڙ سنڌو درياءَ جي بندن جي ڪمزور هنڌن جي مضبوطي لاءِ سڀئي وسيلا ڪتب آندا وڃن، پٿرن جي ذخيري جمع ڪرڻ سان گڏ گهربل مشينري جي موجودگي کي يقيني بنائي، حساس هنڌن تي چوڪيون قائم ڪري 24 ڪلاڪ نگراني ڪئي وڃي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون طاهر علي ميمڻ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو عبدالمجيد زهراڻي ۽ ٻيا عملدار موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو