بي ايس فيڊر ۾ وهنجدي نينگر ٻڏي فوت

غوثپور (عبدالنبي ملڪ) بي ايس جي بند جو رھواسي 14 ورھين جو نينگر سيف الله اوڳاھي چوپايو مال ڪاهي بي ايس فيڊر ۾ وھنجڻ مال جي ڌنارن سان گڏ ويو. جتي ساٿي ڌنارن سان گڏجي تڙ ڪرڻ لاءِ ڪئنال ۾ لٿو ته پاڻي تمام وڏو ھجڻ ڪري نينگر ٻڏي ويو. سندس ساٿين ٻڏندو ڏسي دانھون ڪري ٻڏي ويل نينگر جي وارثن کي اطلاع ڏنو. اطلاع بعد وارثن ڳوٺاڻن پاران نينگر جي لاش جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. بي ايس فيڊر ۾ پاڻي تمام گهڻو  ۽ تيز وهڪري سبب لاش ڳولڻ ۾ ڪافي مشڪلاتون پيش اچن پيون. فوتي نينگر جي وارثن ايريگيشن عملي کي پاڻي فيڊر ۾ بند ڪرڻ لاءِ پڻ اطلاع ڪيو آهي.۽ ضلعي ڪشمور جي ڊي سي منور علي مٺياڻي کي لاش جي ڳولا لاءِ مدد جي اپيل ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو