بيگم نصرت ڀٽو يونيورسٽي شاگردياڻين سان حادثو، هڪ فوت

سکر(بيورو رپورٽ)سٽي پوائنٽ وٽ شاگردياڻين سان حادثو، ھڪ نوجوان شاگردياڻي فوت، ھڪ زخمي ٿي پئي.بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻين سان حادثو پيش آيو آھي جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ شاگردياڻي صبا مگسي ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏھن تہ ٻئي شاگردياڻي ميمونا چانڊيو زخمي ٿي پئي، ايئرپورٽ پوليس جو چوڻ آھي تہ شاگردياڻيون يونيورسٽيءَ وڃڻ لاءِ سٽي پوائنٽ تي لٿيون تہ تيز رفتار ٽرڪ کين ٽڪر ھنيو جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ شاگردياڻي فوت ۽ ھڪ زخمي ٿي پئي آھي، فوتيءَ جو لاش سول اسپتال سکر مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آھي جڏھن تہ زخمي شاگردياڻي نجي اسپتال ۾ علاج ھيٺ آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو