بيگم عيسيٰ پاران ملڪيت جا تفصيل ٽيڪس اختيارين حوالي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري سرينا کوسو لنڊن ۾ پنهنجي جائيداد بابت ٽيڪس اختيارين وٽ خميس تي پنهنجي ٻارن سان گڏ پيش ٿي جواب داخل ڪري ڇڏيو آهي.سرينا کوسوجيڪا 60 سالن جي لڳ ڀڳ عمر جي آهي تازو پنهنجي والد جي وفات بعد جهري پئي هئي. لٺ جي سهاري هوءِ منو ڪلاڪ ٽيسڪ آفيسرن جي آڏي پڇا جا جواب ڏيندي رهي. ڪجهه ڏينهن اڳ کيس نوٽيس موڪليو ويو هو. ياد رهي ته حڪو مت لنڊن ۾ 3 ملڪيتن بابت جسٽس قاضي تي الزام هنيو هو ته هن اهي پنهنجي اثاثن ۾ ظاهر نهان ڪيون. صدر عارف علوي معرفت کيس نااهل قرار ڏيڻ لاءِ سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس موڪليو ويو هو جيڪو 10 رڪني بينچ رد ڪري ڇڏيو هو. 7 ججن چيو هو ته بيگم جسٽس عيسيٰ ۽ سندس ٻار ٽيڪس اختيارين وٽ ملڪيت جا تفصيل جمع ڪرائين ۽ ٽيڪس اهلڪار ٻن مهينن ۾ رجسٽرار وٽ رپورٽ جمع ڪرائين. جنهن بعد حڪومت اوچتو فيڊرل بورڊ آفي روينيو جو چيئرمين تبديل ڪيو هو. جنهن بابت پاڪستان بار ڪائونسل خدشو ظاهر ڪيو هو اهو سڀ ڪجهه جسٽس عيسيٰ خلاف حڪومت مرضي جو فيصلو وٺڻ لاءِ ڪيو آهي. حڪومت ان جي ترديد ڪئي هئي. هن ملڪ ۾ ڪرنل جي زال ته آسمان سر تي کڻي ٿي پر سپريم ڪورٽ ٿيڻ واري چيف جسٽس جي زال ٽيڪس آفيسن ۾ ڌڪا کائيندي ٿي رهي، شايد هن ملڪ ۾ پنهنجي ظرف ۽ ضمير جا غلام ائين ئي ڀوڳيندا پر ٺڳ ۽ ڏنڊي وارا گهر ويٺي مسئلا حل ڪرائيندا رهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو