بيگاري ۾ همراهه ٻڏي فوت، ڊگهڙي روڊ حادثي ۾ 4 زخمي

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيش آيل ٻن ڌار ڌار واقعن مان ڊگهڙي ۾ روڊ حادثي سبب 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته غوثپور لڳ بيگاري واهه ۾ ٻيڙي مان ڪري همراهه ٻڏي فوت ٿي ويو آهي. غوثپور مان عبدالنبي ملڪ موجب ڳوٺ بصر اوڳاھي واري علائقي ۾ بيگاري ڪئنال ۾ ٻيڙي مان ڪري پوڻ سبب 45 ورھين جو ڌنار علي نواز پٽ سومر اوڳاھي ٻڏي فوت ٿي ويو. وارثن محمد شعبان ۽ منظور اوڳاھي ٻڌايو ته صبح سوير ٻيڙي تي چڙھي ڪچي طرف وڃڻ لاءِ گھران نڪتو ته درياءَ جي وچ تي ٻيڙي مان ڪري پيو . ڪجهه ڪلاڪن بعد ڳوٺاڻن ٻيڙي ڏٺي ته اسانکي اطلاع ڪيو . ڳوٺ وارا ۽ سندس وارث سندس لاش جي ڳولا ڪري رھيا آھن. وارثن ڊپٽي ڪمشنر کان مطالبو ڪيو آھي ته کين ٽوٻا ڏنا وڃن ته جيئن لاش جلد ڳولڻ ۾ آساني ٿئي. *** ڊگهڙي مان سيدبشيرشاھ موجب شهر ۾ ٽنڊوغلام علي روڊ تي موٽرسائيڪل جو روڊ پار ڪندڙ عورت سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ ڪوٽ ميرجان محمد جي رهواسي پيرسن عورت ڀاڻي زال مان سنگھ ڪولهي ۽ لانڍي واسي موٽرسائيڪل سوار پونيو ڪولهي،شريمتي هانڪو ۽ پنج سال جو معصوم اشوڪ ڪولهي زخمي ٿي پيا زخمين کي فوري طور تي تعلقي اسپتال ڊگهڙي آندو ويو جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي،

پهنجو تبصرو موڪليو