بيٽري تي هلندڙ 1207 ڪلوميٽر طئي ڪندڙ ڪار تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لگزري ۽ مهانگيون گاڏيون ٺاهيندڙ جرمن ڪمپني مرسيديز بينز ڪانسيپٽ ڪار ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪا سنگل چارج تي 1207 ڪلوميٽر سفر ڪري سگهندي. ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته بيٽري تي هلندڙ سندن هي گاڏي دنيا جي پهرين گاڏي هوندي جيڪا 750 ميل يا 1207 ڪلوميٽر هڪ فل چارج بعد سفر ڪري سگهندي. هن وقت دنيا ۾ اليڪٽرڪ ڪار ٺاهڻ ۾ سڀني کان اڳتي آمريڪا جي ٽيسلا آهي پر مرسڊيز جي اعلان بعد مقابلو تيز ٿي ويو آهي. ايئن سمجهو ته ڪراچي کان لاهور تائين سفر ڪري سگهبو. ڪمپني جو چوڻ آهي ته بيٽري جي ايندڙ نسل واري جديد ٽيڪنالوجي استعمال ڪئي وئي آهي. تجربو ڪامياب ٿيو آهي پر اهو واضح ناهي ته هي گاڏي ڪيستائين تيار ٿي مارڪيٽ ۾ ايندي.

پهنجو تبصرو موڪليو