بيهه، ڪُم، پاٻوڙا ۽ لوڙهه مارڪيٽ ۾ اچي ويا، روزگار شروع

دڙو (رپورٽ: شوڪت ميمڻ) سجاول ضلعي ۾ ھڪ ئي وقت ميوو توڙي سبزي جي لذت سان سرشار لاڙ جي سوغات بيهه، پاٻوڙن، ڪُمن ۽ لوڙھين جي ڪاروبار سبب غريب ماڻهن جو روزگار کلي ويو آهي. سياري جي موسم شروع ٿيندي ئي دڙو، ٻنون، سجاول، جاتي، چوھڙجمالي، بٺورو ۽ جھوڪ شريف سميت آسپاس جي ٻھراڙين جا ماڻھو بيهه، پاٻوڙا وڪرو ڪري روزي ڪمائين ٿا ته ڪي وري خريد ڪري تحفي طور سموري سنڌ توڙي ملڪ جي ٻين شھرن ڏانھن موڪلين ٿا، پاٻوڙا، لوڙھيون، ڪُم سستي ھجڻ ۽ بھترين ذائقي سبب ھرھڪ جا پسنديده ميوا ۽ سبزيون بڻيل آھن.

Natural food, Photo Sindhyar

مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍن ،ڍورن ۽ تلائن ۾ ٿيندڙ بيهه، پاٻوڙا، ڪُم، لوڙھيون، ڪوڻيون سڄو سال وافر مقدار ۾ مارڪيٽ ۾ ھجڻ سبب سجاول ضلعي جي سڃاڻپ بڻجي چڪا آھن. لاڙ جي علائقي دڙو ۽ ٻين شھرن ۾ ٿيندڙ بيهه ٻين شھرن جي بنسبت کائڻ ۾ انتھائي مزيدار ۽ نرم ھجڻ سبب رڌجڻ ۾ آسان ٿين ٿا. ڪيترائي ڏينھن بغير ريفريجريٽر ۽ برف وغيرہ ۾ رکجڻ جي باوجود اھي خراب به نه ٿيندا آھن. سستي اگهه ۾ ملندڙ بيهه، پاٻوڙا، ڪُم، لوڙھيون شھري نه رڳو پنھنجي لاءِ خريد ڪن ٿا. پر انھن کي سنڌ توڙي ملڪ جي ٻين شھرن ۽ ڏورانھن علائقن ۾ پڻ سوکڙيءَ طور موڪليو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ ھن وقت پاڻيءَ جي کوٽ سبب ڍنڍون ڍورا سڪي ختم ٿي رھيا آھن. پر مڇين جي تلائن جي گھڻائي سبب تلائن ۾ ٻج ڇٽي پٻڻ جي ول جي پوکائي ڪئي وڃي ٿي. مڇيءَ ۽ سانن يعني جهينگن جي وڪري کان پوءِ بيهه، پاٻوڙا، ڪم، لوڙھيون مھاڻن جي گذران جو وڏو ذريعو آھن. پٻڻ جي ول جي مٿاڇري ۾ پاٻوڙو ٿيندو آهي ۽ ان جي پاڙ کي بيهه چيو وڃي ٿو ۽ گل جي وچ ۾  ٿيل ميوي کي پاٻوڙو چوندا آهن. چوٽيءَ ۾ هڪ وڏو پن ٿيندو آهي، جيڪو پاڻيءَ جي مٿاڇري تي ترندو رهندو آهي. جتي پٻڻ پوکيل هوندي آهي. اتي جو پاڻي پٻڻ جي پنن سان ڍڪيل هوندو آهي. پنن جي وچ ۾ پٻڻ جا سھڻا گل ڏاڍو وڻندڙ منظر پيش ڪندا آھن. پاٻوڙو سائي رنگ ۽ گول شڪل جو هوندو آهي، جنهن ۾ وري سائي کل ۾ بند ٿيل ميوو پاٻوڙي جو ڦل ھوندو آھي جيڪو ڪچو کائبو آھي. پاٻوڙي جي ميوي کي سڪائي پڻ رکيو ويندو آھي. جنھن کي پٻڙيون چيو ويندو آھي. باقي بچيل پورو پاٻوڙو ڪنھن به ڪتب ۾ نه ايندو آھي. پٻڻ جي ول جي سوراخدار پاڙن کي بيهه چيو وڃي ٿو. جن کي پاڻي سڪڻ بعد زمين مان ڇڪي ڪڍيو ويندو آھي. انھن کي ڀاڄيءَ طور رڌي کاڌو ويندو آھي. بيهه سڄيءَ سنڌ ۾ ٿيندا آهن ۽ عام طرح ڍنڍن جي پيداوار آهن. بيهن ۾ 7 يا 9 سوراخ ۽ اُنهن ۾ وارن وانگر سنهڙيون تندون ٿينديون آهن. جن جي ڪري بيھن جي ڳر مضبوط ٿيندي آھي. بيھن جي ڀاڄي لذيذ ۽ مزيدار ٿيندي آهي. اُهي مختلف طريقن سان جدا به رڌبا آهن. ته گوشت، مڇي، پالڪ ۽ ٻين ڀاڄين سان گڏ به رڌبا آهن. ڍنڍن ۾ ملندڙ ھڪ ٻي ڪوڻيءَ جي ول به ٿيندي آھي. جنھن جي پاڙ کي لوڙھي، ٿڙ کي ڪوڻي ۽ گل ۾ ڪم ٿيندو آھي. جن کي پڻ کاڌي طور ڪتب آڻبو آھي. ڪم ۽ لوڙھين جا ٻه قسم مٺال ۽ ڪڙال جا ٿين ٿا. ڪچو ڪم ڳاڙھ سرو ھوندو آھي ۽ پچي وڃڻ کان پوءِ ھن جو رنگ سليٽي آسماني ٿي ويندو آھي. ھيڊاڻ مائل لوڙھي کي ڪڙال جي لوڙھي چوندا آھن جيڪا کائڻ ۾ ٿوري کاري ٿئي مٺال جي لوڙھي گلابي مائل بادام رنگ جي ٿيندي آھي. لوڙھين کي ڪچو ۽ پاڻيءَ ۾ اوٻاري به کاڌو وڃي ٿو. پاڻي اندر گھڻا ڏينھن ٿي وڃڻ ۽ سائز وڌي وڃڻ کان پوءِ لوڙھي کي گنڌڻ چيو وڃي ٿو. ھن ول جي گل کي ڪنول جو گل سڏيندا آھن. طبي ماھرن موجب طبي لحاظ کان بيهه وائي باديءَ  کي ختم ڪري ٿو، پيشاب جي گھٽ ۽ ساڙ کي ختم ڪري ٿو.

Photo Sindhyar

معدي ۽ آنڊن جي رطوبت کي خشڪ ڪري ٿو. بدن کي ٿلهو بنائي ٿو، مثاني جا ڦٽ ڇٽائي ٿو ۽ رت جي دستن کي بند ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. الٽين ۽ وبائي بيمارين ۾ بيھن جو پاڻي فائدو ڪري ٿو. هن وقت اسان وٽ جيڪي بيھن جا ٻه قسم آهن، هڪ پنجاب جو بيهه ۽ ٻيو سنڌ جو بيهه آهي. پنجاب جي بيھن جي ڦل پاٻوڙي ۾ پٻڙيون گھڻي تعداد ۾ ٿين پر بيهه گھٽ ۽ سخت ٿئي ٿو. جڏهن ته سنڌي بيھن ۾ ڦل گھٽ ۽ بيهه زيادہ ٿئي ٿو. جيڪو پنجاب جي بيهه جي ڀيٽ ۾ نرم ۽ کائڻ ۾ وڌيڪ لذيذ ٿيندو آھي. مختلف شهرن ۾ پاٻوڙا ، بيهه، ڪُم، لوڙھيون ۽ ٻور وڪرو ڪندڙ پورھيتن حنيف ملاح۔ امام الدين ملاح۔ دين محمد، نورل ملاح، ابلي ملاح ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته ھاڻي پاڻي جي کوٽ سبب بيهه ۽ پاٻوڙا گھٽ ٿين پيا جنھن ڪري انھن جي قيمت ۾ به اڳ جي ڀيٽ ۾ اضافو ٿيو آھي. انھن ٻڌايو ته بيهه 120روپيا ڪلو، لوڙھيون 80 روپيا ڪلو، ڪم 60 روپيا ڪلو، پاٻوڙا 50 روپيا درجن وڪرو ڪندا آھيون. ڏھاڙي ھڪ ھزار کان پندرہ سو ڪمائي وٺندا آھيون.

پهنجو تبصرو موڪليو