بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ختم ڪرڻ نه ڏينداسين،بلاول

سکر(امداد علي ڪلوڙ)  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوام جي معاشي، جمهوري ۽ انساني حقن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪنداسين، آخري ساهه تائين جدوجهد ۽ هر قربانيءَ لاءِ تيار آهيون، سرسو سنڌ جو غربت گهٽائڻ وارو پروگرام سڄي پاڪستان ۾ ڦهلائي حقيقي تبديلي آڻي ڏيکارينداسين. هن اهڙو اظهار سکر جي مهراڻ ڪلچرل ڪامپليڪس ۾ سنڌ رورل سپورٽ آرگنائزيشن پاران عورتن کي منظم ڪري پنهنجي پيرن تي بيهارڻ واري پيپلز پاورٽي رڊڪشن پروگرام مان فائدو وٺندڙ سنڌ جي 9 ضلعن جي عورتن جي ڪميونٽي ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي احساس پروگرام جي ڳالهه حڪومت پئي ڪري، جنهن وٽ غريب عوام، مزدورن ۽ عورتن جو ڪو احساس ئي ناهي ۽ احساس جي نالي تي مذاق آهي، هن چيو ته موجوده وفاقي حڪومت جي ڪوشش هوندي ته بي آءِ ايس پي ختم ٿئي پر ملڪ جون عورتون هن پروگرام کي هرگز ختم ٿيڻ نه ڏينديون. هن چيو ته اهو بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام ئي آهي جنهن خيبرپختونخواه کان فاٽا ۽ ڪشمور کان ڪراچي تائين عورتن کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو آهي، سنڌ ۾ سرسو جو انقلابي پروگرام هلي رهيو آهي، جنهن کي يورپي يونين سميت سڄي دُنيا مڃيو آهي ۽ يورپي يونين فنڊ وڌائيندي پاورٽي رڊڪشن پروگرام کي پوري صوبي ۾ پکيڙڻ جو اعلان ڪيو آهي اها ڪاميابي سڄي سنڌ جي عورتن جي ڪاميابي آهي، هن چيو ته پ پ تي تنقيد پئي ٿئي ته هنن ميٽرو يا موٽر وي نه ٺاهيو، منهنجو جواب اڄ هتي موجود هي عورتون آهن جيڪي پنهنجي پيرن تي بيٺيون آهن. هن چيو ته اڄ سڄي دُنيا مڃي چڪي آهي ته سنڌ جون عورتون سڀ کان اڳتي آهن ۽ خوشيءَ سان پئسو ڏئي رهيا آهن، آءِ ايم ايف به چئي ڇڏيو آهي ته بي آءِ ايس پي کي ختم ٿيڻ نه ڏينداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سرسو اڄ تائين سنڌ حڪومت جي فنڊنگ سان 10 لک ڪٽنبن کي منظم ڪيو آهي، هڪ لک 80 هزار عورتن کي بغير وياج جي قرض، 50 هزار گهر تعمير ڪيا ۽ 50 هزار عورتن کي هنري سکيا ڏني وئي آهي. ڪانفرنس ۾ سيد قائم علي شاهه، ايم اين اي سيد خورشيداحمد شاهه، پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، ڊاڪٽر نفيسه شاهه، صوبائي وزير سعيد غني، صوبائي صلاحڪار اطلاعات بيريسٽر مرتضيٰ وهاب، سيد ناصر حسين شاهه، سيد اويس قادر شاهه، نعمان اسلام شيخ، وقار مهدي، ميئر سکر بيريسٽر ارسلان اسلام شيخ، جميل سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو