بينظير انڪم سپورٽ جا سوا 8 لک وي آءِ پي وظيفه خور

اسلام آباد (اياز مهر) وفاقي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هيٺ 8 لک کان وڌيڪ مالي مدد حاصل ڪندڙن جا نالا خارج ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جنهن بعد کين ماهوار ملندڙ رقم جي ادائگي بند ڪئي وئي آهي ڇو ته هو “مستحق” جي دائري ۾ نٿا اچن. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اڱاري تي ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ان جي منظوري ڏني وئي هئي. جنهن بعد احساس پروگرام جي سربراهه ثانيه نشتر هڪ ٽوئيٽ ۾ اعلان ڪيو ته 820165، اهڙا ماڻهو وظيفو وٺي رهيا آهن جيڪي مستحق ناهن. هن خميس تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 10 سال اڳ ٿيل سروي جي بنياد تي انهن کي امداد ملندي هئي. انهن جا نالا خارج ڪري حقيقي مستحق ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو. 216 ڪنٽرول لائن لڳ رهندڙ غريب خاندانن کي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ 500 روپيا هر مهيني قسط ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي.

بينظير انڪم سپورٽ جو وظيفو وٺندڙ ڏيڍ لک کان وڌيڪ ماڻهن پرڏيهي دورا ڪيا ۽ هڪ لک 95 هزار کان وظيفو وٺڻ وارن جي جيون ساٿين پرڏيهي دورا ڪيا آهن. ثانيه نشتر جي فورينزڪ آڊٽ دوران اهو به سامهون آيو ته 348666 ماڻهو اهڙا آهن جيڪي وظيفو وٺندڙ يا سندن جيون ساٿين هڪ ڀيرو پرڏيهي دورو ڪيو. 176795وظيفو وٺندڙ ۽ سندن جيون ساٿي اهڙا آهن جن هڪ کان وڌيڪ ڀيرا پرڏيهه جو دورو ڪيو. 444438 وظيفو وٺندڙ ۽ سندن جيون ساٿين جي نالن تي گاڏيون رجسٽرڊ آهن. 142556 وظيفو وٺندڙ  سرڪاري ملازم آهن يا سندن جيون ساٿي آهن. 1246 وظيفو وٺندڙ ۽ سندن جيون ساٿي اهي آهن جن وي آءِ پي ڪائونٽر تي پاسپورٽ لاءِ درخواستون ڏنيون.

پهنجو تبصرو موڪليو