بيماري ۽ غذائي کوٽ سبب 6 وڌيڪ ٻار فوت، دوائن جي کوٽ برقرار

مٺي(رپورٽر) ٿرپارڪر ۾ ٻارن جي موت جو سلسلو جاري، اڄ به سول اسپتال مٺي ۾ غذائي کوٽ ۽ ٻين بيمارين سبب 6 ٻار موت جو شڪار ٿي ويا، ڪيترائي ٻار زير علاج، هن مهيني فوت ٿيندڙ ٻارن جو تعداد 56 ۽ ھن سال فوت ٿيندڙ ٻارن جو انگ 332 ٿي چڪو آھي. علاج جون سهولتون نه هئڻ جي برابر، سول اسپتال مٺي ۾ مرندڙ ٻارن ۾ يارنهن ڏينهن جي ريحانه ڌي امام بخش، 9 مهينن جي فهميده ڌي اسماعيل، ديوان، پريم، گجو ۽ محمد ملوڪ جا نوان ڄاول ٻارڙا شامل آھن. سول اسپتال مٺي ۾ دوائن جي کوٽ برقرار آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو